آسٽريليا جي ڪلير پولوساڪ ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊين وومينز ٽيمن جي سيريز دوران امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندي.
آسٽريليا جي ڪلير پولوساڪ 18 اپريل کان 3 مئي تائين ڪراچيءَ ۾ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي عورت ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ وائيٽ بال جي سمورين اٺ ميچن ۾ آن فيلڊ امپائر جا فرض انجام ڏيندي.
ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ ٽيم 3 ون ڊي ميچون کيڏڻ لاءِ 14 اپريل تي ڪراچي پهچندي، پاڪ- ويسٽ انڊيز وومينز ون ڊي سيريز آءِ سي سي وومينز چيمپيئن شپ جو حصو آهي.
ان کانسواءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز پڻ کيڏي ويندي ۽ سموريون اٺ ميچون نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.
You might also like