اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي شڪي خطن واري معاملي جي جاچ دوران اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پوسٽ باڪسز جي چوڌاري لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائون گهڻي قدر خراب آهن.
ذريعن موجب، ججن کي شڪي خطن واري معاملي تي اسلام آباد جي ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ جي جاچ جاري آهي ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي بابت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ رجسٽرارز کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سب ڊويزنل پوسٽ آفيس سيٽلائيٽ ٽائون راولپنڊي جي حدن ۾ موجود پوسٽ باڪسز جو معائنو جاري آهي ۽ پوسٽ باڪسز جي چوڌاري لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائون خراب آهن.
ذريعن موجب، اسلام آباد پوليس متبادل ذريعن کان معاملي جي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، پوسٽ باڪسز واري علائقي ۾ موجود دڪانن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن به پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته راولپنڊي جي سيٽلائيٽ ٽائون پوسٽ آفيس جي سموري عملي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پهريان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اٺن ججن کي شڪي خط مليا هئا، جڏهن ته ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ چيف جسٽس سميت سپريمڪورٽ جي ججن کي به شڪي خط موصول ٿيا هئا.
ججن کي شڪي خط ملڻ وارو مامرو، پوسٽ باڪسن جي ڀرپاسي لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائون خراب!
You might also like