منهنجي کاڌي ۾ٽوائلٽ ڪلينر ملايو ويو: بشرا بي بي جي دعويٰ

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي دعويٰ ڪئي آهي ته شب معراج

تي منهنجي کاڌي ۾ ٽوائلٽ ڪلينر جا 3 قطرا شامل ڪيا ويا.عدالت ۾ پيشي تي صحافين سان ڳالهائيندي بشرا بي بي چيو ته مون کي جيل ۾ ڪنهن ٻڌايو ته کاڌي ۾ ٽوائلٽ ڪلينر ملايو ويو آهي.پر ان جو نالو نه ٻڌائيندس. هن چيو ته معراج جي رات منهنجي کاڌي ۾ ٽوائلٽ ڪلينر جا 3 قطرا شامل ڪيا ويا، تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو ته ٽوائلٽ ڪلينر مان هڪ مهيني کانپوءِ منهنجي صحت خراب ٿي وئي، منهنجي اکين ۾ سوڄ ، سيني ۽ پيٽ ۾ درد هو، مون کي کاڌو زهر لڳي رهيو آهي. صحافي سوال ڪيو ته کاڌي ۾ زهر ملائڻ جي جاچ ٿي ته توهان وٽ ڪهڙا ثبوت آهن؟ ان تي هن چيو ته ثبوت ڪٿان آڻيان؟هن چيو ته اڳ به در بند رکيا ويندا هئا، هاڻي ڪجهه دير لاءِ کوليا ويا آهن، مون کي بني گالا ۾ باعزت طريقي سان رکيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.