دنيا خطرناڪ موڙ تي پهچندي پئي وجي ڪو به هڪ وڏو واقعو عالمي سطح تي وڏي جنگي بحران ۾ بدلجي سگهي ٿو اسرائيل جو دمشق ۾ ايران جي سفارت خاني تي حملو موجوده دور جو ڪو عام معمولي واقعو ناهي جيڪي اهو سمجهن ٿا اهي لاعلم يا سادا آھن جنگ هر ڏينهن پکڙجي رهي آھي
هڪ طرف يورپ ۾ يوڪرين روس جنگ جاري هئي ته وري اوچتو عرب خطي ۾ به جنگ ڇڙي پئي جيڪا هاڻ چاليهه هزار کان وڌيڪ فلسطيني مارجڻ جي ڪري وڌي رهي آھي اسرائيل مڪمل طرح ڇتو ٿي پيو آھي هو هن خطي ۾ لاڳيتي جنگ کي پکيڙي رهيو آھي سامراجيت ۾ هي جنگ ڦھلجڻ اڻ ٽر آھي جيڪو ٿي رهيو آھي اسرائيل هاڻ رسمي طور آمريڪا جي به نٿو ٻڌي
ايران تي هن تازو پهرين اپريل تي عالمي قانونن جي سخت خلاف ورزي ڪري شام جي شھر دمشق ۾ سفارتخاني تي حملو ڪيو آھي اسرائيل هن وقت اهو سمجهي رهيو آھي ته جيڪڏھن هن ايران کي سوڙھو نه ڪيو ته سندس وجود ختم ٿي ويندو جيڪو اڳ ئي ڪمزور بنيادن تي بيهاريل آھي اسرائيل جا حملا سڄي دنيا لاءِ خطرناڪ آھن پر هن وقت سامراجي دنيا ۾ طاقتور قوتون جنگ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي ڇيڙي پنهنجي معاشي سامراجي مفادن لاءِ ھن سموري دنيا کي برباد ڪرڻ لاءِ بربريت برپا ڪرڻ چاهين ٿيون هن جو نتيجو ڀيانڪ نڪرندو هي جنگ هڪ عالمي جنگ ۾ بدلجي ويندي
اسرائيل جي حملي جا تفصيل شام جي اختياريءَ وارن ۽ سرڪاري ميڊيا سومر ڏينهن اطلاع ڏنو آهي ته شام ۾ هڪ اسرائيلي هوائي حملي ۾ ايراني قونصل خاني جي عمارت تباه ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ٻه سينئر ايراني فوجي آفيسر ۽ ڪيترا ٻيا فرد مارجي ويا آهن.
شام جي ٻن ٽيلي ويزن چينلز جي مطابق، جن منجهان هڪ ايراني عربي زبان جو چينل ’العالم‘ ۽ ٻيو ’پين عرب‘ چينل ’الميادين‘ شامل آهي، چيو آهي ته حملي ۾ ايراني فوجي صلاح ڪار جنرل علي رضا زاهدي مري ويو آهي، جنهن 2016 تائين لبنان ۽ شام ۾ ايليٽ ’قدس فورس‘ جي سرواڻي ڪئي هئي. حملي ۾ زاهديءَ جي نائب، جنرل محمد هادي هجري هيمي ۽ پنج ٻيا آفيسر به ماريا ويا آهن.
ائين ٿو لڳي ته ايران جي سفارت خاني جي اڱڻ تي حملو اسرائيل جي پاران شام ۾ ايراني فوجي عهديدارن ۽ انهن جي ساٿين کي نشانو بنائڻ لاءِ ڪيو ويو. حملو اهڙي ڪاروائيءَ ۾ واڌ اچڻ جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن ايران جي حمايت يافتا حماس جي هٿياربندن پاران ستين آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملي کان پوءِ شدت اختيار ڪري ورتي آهي.
ان کان پوءِ اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ جهڙپن ۾ واڌ آئي آهي جيڪو هڪ اهڙو هٿياربند گروه آهي جنهن کي ايران جي حمايت حاصل آهي . اسرائيل، جيڪو هن قسم جي حملن کي گهٽ ئي قبول ڪندو آهي، چيو آهي ته هو شام ۾ هن تازي ترين حملي بابت ڪو تبصرو نه ڪندو. شام جي سرڪاري خبرن جي اداري ’سنا’ مطابق، حملي ۾ ايراني قونصل خاني جي عمارت مٽيءَ جو ڍيربڻجي وئي آهي، جڏهن ته ان جي سفارت خاني جي عمارت کي ڪو خاص نقصان نه پهتو آهي. ايران جي سفير حسين اڪبريءَ اسرائيل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست ڄڻا مارجي ويا آهن. هنگامي امدادي ڪارڪن اڃان تائين مٽيءَ جي ڍڳ مان لاش ڪڍي رهيا آهن. اڪبريءَ چيو ته عمارت جي حفاظت ڪرڻ وارا ٻه پوليس اهل ڪار زخمي ٿيا آهن. هُن حملي جو پلاند ”ساڳيءَ شدت ۽ سختيءَ سان وٺڻ“ جو عزم ظاهر ڪيو آهي.
اسرائيلي فوج جي چيف ترجمان، ريئر ايڊمرل ڊينيئل بگاريءَ سومر ڏينهن سومهڻيءَ جو الزام لڳايو ته سومر جي صبح ڏکڻ اسرائيل ۾ هڪ سامونڊي اڏي تي حملو ’’ايران جي هدايت“ تي ڪيو ويو. اسرائيلي فوج چيو آهي ته ان ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو ۽ عمارت کي رڳو نه ٿيڻ جهڙو نقصان رسيو. فلسطيني هٿياربند گروپ، ’اسلامي جهاد’ جنهن کي ايران جي حمايت حاصل آهي، اسرائيل تي الزام مڙهيو آهي ته اهو غزا ۾ تڪرار کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
واشنگٽن ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ ’مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ‘ جي شام متعلق پروگرام جي ڊائريڪٽر چارلس لسٽر ان حملي کي هڪ ”وڏي واڌ“ قرار ڏنو آهي. هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ’ايڪس‘ تي لکيو آهي ته يقيني طور تي حملي جي خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي ويندي. شام جي پرڏيهي وزير، فيصل مقداد چيو آهي ته ڪيترا فرد ماريا ويا ۽ ساڳئي عهدي واري پنهنجي ايراني ساٿيءَ سان ڳالهائيندي هُن اسرائيل جي مذمت ڪئي.
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪناڻيءَ ٻين ملڪن کان اسرائيلي حملي جي مذمت ڪرڻ جي گهُر ڪئي آهي. ايران جي سرڪاري ٽيلي ويزن چيو آهي ته ايراني سفير جي رهائش گاه قونصل خاني جي عمارت جي اندر هئي، جيڪا سفارت خاني سان گڏيل آهي. مرڪزي سفارت خاني جي عمارت کي ڪو نقصان نه پهتو آهي.
اسرائيل ويجهڙ وارن سالن ۾ شام جي حڪومت جي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ هدفن تي سوين حملا ڪيا آهن.غزا جي پٽيءَ ۾ حماس جي خلاف اسرائيل جي جنگ ۽ لبنان-اسرائيل سرحد تي اسرائيلي فوج ۽ حزب الله جي وچ ۾ جاري جهڙپن جي پس منظر ۾ تازن مهينن دوران هن قسم جي هوائي حملن ۾ واڌ آئي آهي.
جيتوڻيڪ اسرائيل شام ۾ پنهنجي ڪاررواين کي گهٽ ئي قبول ڪندو آهي، پر هن چيو آهي ته هن لبنان جي حزب الله جهڙين ايران جي اتحادي هٿياربند گروپن جي ٽڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي، جنهن شام جي صدر بشار الاسد جي فوج جي حمايت جي لاءِ هزارين ويڙهاڪ موڪليا آهن.
ڊسمبر ۾ دمشق جي هڪ وسنديءَ جي ويڙهي ۾ هڪ اسرائيلي هوائي حملي ۾ شام ۾ ايران جي نيم فوجي جٿي، ’پاسداران انقلاب’ جو هڪ پراڻو صلاح ڪار سيد رضي موسوي مارجي ويو هو.جنوريءَ ۾ دمشق ۾ هڪ عمارت تي ساڳيءَ طرح جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ايراني صلاح ڪار ماريا ويا هيا.
پوئين هفتي عراقي سرحد جي ويجهو شام جي اوڀر واري اسٽريٽجڪ صوبي، دير الزور تي هوائي حملي ۾ هڪ ايراني صلاح ڪار مارجي ويو هو. جيڪڏھن عالمي امن جون ڪوششون نه ٿيون ته ايران جو جوابي حملو هڪ وڏي جنگ طرف وڌي سگهي ٿو ايران هن حملي جو جواب ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ڏيندو.