وڌندڙ ڏوھ ۽ لاتعلق بڻيل حڪومت

سنڌ ۾ لاقانونيت عام ماڻھو کان زندهه رھڻ جو اتساهه ڦري ورتو آھي.سڄي سنڌ ۾ ننڍا وڏا ڏوھ عام ٿي ويا آھن،شايد ئي ڪو اھڙو علائقو ھجي جتي ماڻھون ڏينھن جو بھ بنا خوف جي گذري سگھندا ھجن،ڦرون،ڌاڙا،چورين جھڙا ڏوھھ ھڪ پاسي تھ وري منشيات،وياج خوري ۽ آڪڙا پرچي جھڙي سرعام ھلندڙ جوئا ٻئي پاسي. ان وچ ۾ وري ھڪ ٻيو عذاب عوام مٿان نازل ٿيو آھي تھ ڏينھن جي روشني ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن پاران بي رحمي سان ماڻھون کي ماري ڇڏڻ واري خطرناڪ لاڙي عوام جي زندگيءَ کي محدود ڪري ڇڏيو آھي.

سنڌ جي اترين ضلعن گھوٽڪي،جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين مان لاڳاپيل علائقن ۾ تھ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو آھي.جتي انھن ڌاڙيلن وٽ  29 کان وڌيڪ ماڻھون قيد آھن.ڪجهھ وقت کان اھي ڌاڙيل يرغمال بڻايل ماڻھن کي سٽي ڪٽي انھن کان جون وڊيو جاري ڪن ٿا.جنھن سان خوف سموري سماج ۾ داخل ٿي ويو آھي.

عام خيال آھي تھ ڌاڙيلن کان يرغمالي راڄوڻي طريقي سان بازياب ڪرايا وڃن ٿا.جنھن جو مطلب آھي تھ وچ ۾ ايندڙ ماڻھون ڌاڙيلن کي ڀنگ ۽ فرار ٿيڻ جو رستو ڏين ٿا،جنھن جي موٽ ۾ يرغمالي آزاد ڪيا وڃن ٿا.اھو گھڻو پراڻو طريقو آھي،جنھن کي اڻسڌي ريت ھر دور جي بيوس حڪومت،ڊنل پوليس ۽ بي اثر قانون قبول ڪري ورتو آھي.جنھن ڪري سموري معاشري ۾ اھو رواج پئجي ويو آھي.

اھو درست آھي تھ انتھائي بھترين قانون جوڙيل آھن اھي ڪتابن ۾ لکيل آھن ۽ اھي ڪتاب وري ڪٻٽن جي خانن ۾ بند آھن،نتيجي ۾ اھي ڪنھن لائبريري جو سينگار تھ بڻجي ويا آھن پر انھن تي عمل نھ ٿيڻ سان سماج اڳتي نھ پيو وڌي سگھي.

ڪجھھ ڏينھن کان شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ ڦرن ۽ ڌاڙين جي وڌندڙ وارداتن ۽ ان دوران ھٿياربندن ھٿان ماڻھن جي قتل ٿيڻ وارا واقعا سماج ۾ ڏوھارين جو ھڪ نئون لاڙو آھي.جنھن سان اڳي کان موجود خوف وڌيڪ پکڙجي ويو آھي،اھڙي ريت ماڻھو ھاڻي ڏوھارين جي رحم و ڪرم تي آھن.ڏوهاريُن جو راڄ وڌيڪ سگھارو ٿي رھيو آھي.

ھاڻوڪي حڪومت کي آئي تھ ڪجهھ ڏينھن ٿيا آھن پر ان کي حڪومت ھلائڻ جو تھ خاصو تجربو آھي، ان ھوندي حڪومت ڪنھن بھ ھنڌ پنھنجي رٽ قائم ڪري نھ سگھي آھي.

ان ڪري عوام اھو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آھي تھ  ڇا ڏوهاري قانون ۽ حُڪومت کان مٿانهان ۽ طاقتور آهن، جو سرِ عام ڏوھ ڪن ٿا ۽پڻ  حُڪومت کي چيلينج ڪري رهيا آهن ؟

حُڪمران فقط سکڻيون دعوائون ڪري،دلاسا ڏيڻ کان سواءِ ڪُجهھ نه پِيا ڪن. جيڪي مغوي بڻيل آهن اُنهن کي به آزاد ڪرائڻ ۾ سرڪار ڪا دلچسپيءَ ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. جنھن سان آھستي آھستي حڪُمرانن تان ماڻھن جو ويساھ ختم ٿي چُڪو آهي. سخت بدامني ۽ ڳاٽي مھانگائي جي دور ۾ عوام ۽ اختيارين وچ ۾ اڳي ئي موجود مفاصلو اڃان پڻ وڌي رھيو آھي.

سنڌ جي انتظاميھ ۽ پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪا بھ رٿا جوڙڻ ۽ انھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾  مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي.جيتوڻيڪ نگران حڪومت جي پھرين اجلاس ۾ ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار ڏيڻ جي لاءِ وڏي بجيٽ منظور ڪئي وئي ھئي پر ھن وقت بھ پوليس وٽ اھو پراڻو بھانو آھي تھ ڌاڙيلن وٽ جديد قسم جا هٿيار موجود آهن ۽ پوليس وٽ اھڙا هٿيار نھ آهن.

ھر مسئلي جيان امن امان جي انتھائي حساس معاملي تي بھ حڪومت جنھن بي حسي جو مظاھرو ڪري رھي آھي ان مان اھو محسوس ٿئي ٿو تھ ان کي عوام جي جان مال ۽ عزت جو ڪنھن قسم جو احساس نھ آھي.

نگران حڪومت جيان ھاڻوڪي چونڊيل حڪومت پڻ سنڌ ۾ يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ آپريشن  جو اعلان ڪيو ھو پر ان تي اڃان تائين ڪو عمل نھ ٿيو آھي.سنڌ حڪومت پڻ ملڪ ۾ اڃان حڪومتن جڙڻ واري مرحلي مان گذري رھي آھي.جنھن ڪري ٻي ڪنھن بھ اھم مسئلي طرف ڪو ڌيان نھ پيو ڏنو وڃي.

حڪومت کي پنھنجي رٽ قائم ڪرڻ ۽ عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو احساس ڏياريندي ٻھراڙين ۾ ٿيندڙ ڏوھن کي روڪڻ،يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ ۽ شھرن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ٿيندڙ قتل خلاف عمل جوڳا قدم کڻڻ  گھرجن.ائين نھ آھي تھ حڪومت اھو سڀ ڪجھه ڪرڻ جي سگھه نٿي رکي.پر معاملو مسئلي کي اوليت ڏيڻ جو آھي.

مھانگائي جي ھن خوفناڪ دور ۾ ماڻھو ٻيو سڀ ڪجهھ وساري اختيارين کان رڳو زندگيءِ جو تحفظ گھري رھيا آھن.

ھن ايڪھين صديءَ جي دور ۾ ھڪ حڪومت کي گھٽ ۾ گھٽ عوام جي تحفظ جي لاءِ تھ ڪي قدم کڻڻ گھرجن.ان عمل کانسواءِ دنيا ۾ڪنھن سڌريل سماج جو تصور بھ نھ آھي پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اڄ جو ماڻھو امن امان جي لاءِ  حڪومت کي درخواست ڪري رھيو آھي.

وقت جي حڪومت جو ڪم تھ عوام جي جملي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ ۽ ان کي وڌ کان وڌ سھولتون فراھم ڪرڻ ھوندو آھي،پر ھتي جي ھر حڪومت عام ماڻھو جي حقيقي مسئلن کان لاتعلق بڻجي وھي ٿي رھي ۽ عام ماڻھو عام زندگيءَ ۾ ڏوھارين ۽ اٽڪبازن جي ور چڙھيو ٿو وڃي.جنھن جي داد فرياد لاءِ لاڳاپيل ادارن وٽ دانھن ڪرڻ لاءِ پھچي ٿو تھ قانون جي ڪوڙڪين ۾ ڦاسايو وڃي ٿو.جنھن ڪري سموري سماج ۾ ڀڃ ڊاھ جو نھ ختم ٿيندڙ سلسلو جاري آھي.جنھن جي رڪجڻ جو ويجھو ڪو امڪان نظر نٿو اچي.

ڪنھن بھ ڏوھ جي وقت مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن ھٿان موت جو بک بڻجندڙ ماڻھون ھاڻي تھ مزاحمت جي سگهھ بھ نٿو ساري پر حڪومت انھن سنگين مسئلن ڏانھن پڻ ڪو گھربل ڌيان نھ ڏئي،معاشري کي ھڪ نئين بحران جي وري چاڙھي رھي آھي.

سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر رکڻي آهي ته پوءِ ميان محمدنواز شريف جيان صاف ۽ شفاف نيت ۽ پر خلوص عمل سان آپريشن ڪرڻ سنڌ حُڪومت جي ذميوارين ۾ شامل آهي، عوام به اِن مان اِها ئي اُميد رکي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.