آمريڪي صدر جو خط ۽ پاڪ- آمريڪا تعلقات

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن جو پاڪستان جي وزيراعظم کي لکيل خط زير بحث آھي.خط جي ان پهلو کي ميڊيا اشو طور کنيو آھي يا صحافتي توڙي اسڪالرز طرفان جيڪو سوال اٿاريو پيو وڃي ته آمريڪي صدر شهباز شريف کي وزيراعظم طور مبارڪباد ناهي ڏني ته اهو اجايو بحث پڻ آھي.

بين الاقوامي تعلقات جي ڄاڻ ناهي يا وري هنن کي خط جو منفي حصو ڳولي تنقيد ئي ڪرڻي آھي ته پوءِ هو پنهنجي طرفان حق بجانب آھن.

جڏهن ته اها ڳالهھ واضح آھي ته آمريڪن صدر جو بائيڊن پنهنجي ملڪي گڏيل پاليسي تحت پنهنجي خط ۾ مسٽر پرائيم منسٽر ٿي مخاطب ٿئي ٿو،ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪن صدر جو بائيڊن شهباز شريف کي پاڪستان جو حقيقي وزير اعظم طور تسليم ڪري ٿو.ان ڪري پاڪستان کي ان عمل کي سٺو سمجهي بهتر موٽ ڏيڻ کپي.انٽرنيشنل جيڪو ڊيڪورم ۽ پروٽوڪال هوندو آھي هڪ ملڪ جو هيڊ جڏهن ٻئي ملڪ جي هيڊ کي تسليم ڪندو آھي ته ان جو مطلب هوندو آھي ته هو ان کي ان عهدي تي مڃي ٿو.

ان ڪري هن پاليسي کي سياسي ٻوليءَ ۾ انگيجمنٽ پاليسي سڏبو آھي.ان اصولن تحت نه ته ڪنهن کي سپورٽ ڪبي آھي ۽ نه ئي مخالفت پڻ ڪبي آهي.ان پاليسيءَ تحت هڪ ٻئي کي فقط مصروف رکبو آھي.

گڏيل پاليسي تحت ڪنيڪٽيڊ رهڻو پوندو آھي،ان پاليسيءَ تحت هڪ ٻئي کان ڌار ناهي ٿيڻو پوندو بلڪه گڏ رهڻو پوندو آھي. جيڪڏهن ڌار ٿيو ته پوءِ ڳالھه ختم، پوءِ خط وخطابت  ۽ فون رابطو ڇا جو؟ ان ڪري ان مٿين ڳالهھ کي انگيجمنٽ پاليسي چئبو آھي ۽ مسٽر پريزيڊنٽ جوبائيڊن ان پاليسي کي اختيار ڪندي خط لکيو آھي.

اهڙيءَ طرح خود پاڪستان به پنهنجي ملڪي انگيجمنٽ پاليسيءَتحت ڪندي پوري دنيا جي ملڪن سان رابطي ۾ رهندو آھي.ننڍڙو مثال پاڙيسري ملڪن ايران ۽ افغانستان آھي انهن سان ڇڪتاڻ ھوندي انگيجمنٽ پاليسيءَ تحت سفارتي رابطو رهندو آھي.

مسٽر پريذيڊنٽ جوبائيڊن جيڪو وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو آھي سو هو پاڪستان گورنمينٽ سان رابطي ۾ رهڻ چاهي ٿو.گذريل جيڪا عمران خان حڪومت  هئي ان ۾ آمريڪا جي پاليسي زيرو هئي. جڏهن ته هن وقت جو بائيڊن آمريڪي صدر جو خط ٻڌائي ٿو ته هو پاڪستان سان پنهبجي انگيجمنٽ پاليسي تحت رابطي ۾ رهڻ چاهن ٿا.

ڪجهھ ميڊيا جا ماڻھون ۽ اسڪالرز ڏيهي توڙي پرڏيهي ان خط کي تنقيدي جائزي هيٺ چون ٿا ته هن خط ۾ آمريڪن صدر جوبائيڊن مبارڪ باد ناهي ڏني! هاڻي سوال اهو آھي ته آمريڪي صدر جو پاڪستان جي عام اليڪشن سان  ڇا وڃي جو هو هن کي مبارڪاد ڏئي.جڏهن ته سڌو سنئون هو خط ۾ مسٽر پرائيم منسٽر طور مخاطب ٿي مڃي ٿو ته شهباز شريف حقيقي وزير اعظم آھي.

جو بائيڊن بنسبت عمران خان حڪومت جي سمجهي ٿو ته شهباز شريف حڪومت سان رابطي ۾ رهجي.

مثال طور توهان جيڪڏهن ڪنهن سان ذاتي تعلقات ۾ واسطو ناهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان ان سان رابطي ۾ رهڻ نٿا چاهيو،پر جيڪڏهن توهان ڪنهن سان تعلقات جي بنياد تي فقط خيريت معلوم ڪئي ۽ وڌيڪ ڳالھه ٻولھه برقرار نه رکي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان جي اها پاليسي آھي ته توهان تعلقات برقرار رهي.

بهرحال آمريڪي صدر بائيڊن جي خط مان اهو محسوس ٿي رهيو آھي ته هو شهباز شريف حڪومت سان رابطي ۾ رهڻ جي قابل سمجهي ٿو. ان خط جي روح مان ثابت ٿئي ٿو ته امريڪن حڪومت چاهي ٿي ته پاڪستان حڪومت سان تعلقات برقرار رهي.ها باقي وقت به وقت بين الاقوامي پس منظر يا ٻنهي ملڪن وچ ۾ڪڏهن ڪڏهن ڪن اشوز تي تعلقات ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آھي.آمريڪا جو پاڪستان جي اليڪشن سان ڪو سروڪار ئي ناهي،ها باقي هن وقت چونڊجي آيل حڪومت سان تعلق رکڻ يا انگيجمنٽ رکڻ جي هن حڪومت کي قابل سمجهي ٿو ته هنن سان رابطي ۾ رهجي.

بلڪل اسان جي خط جي بين الاقوامي پس منظر ۾ يا ٻنهي ملڪن جي تعلقات جي بنياد تي وقتي طور مڃي به وٺون ته خط ۾ آمريڪي صدر وزيراعظم شھباز شريف کي مبارڪ باد ناهي لکي نه ته اها ڳالھه تنقيدي ٺيڪ آھي. پر ان جي باوجود آمريڪا جو صدر پنهجي ملڪي ۽ بين الااقوامي پاليسيءَ تحت خط ۾ مسٽر پرائيم منسٽر پاڪستان لکي ٿو ته پوءِ اها مٿين ڳالھه خودبخود ختم ٿئي ٿي وڃي ته هو شهباز شريف کي پاڪستان جو حقيقي پرائيم منسٽر تسليم ڪري ٿو.

ٻي طرف آمريڪي سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان مطابق آمريڪي صدر پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي نئي چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظھار پڻ ڪيو آھي ۽ چيو آھي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ شراڪتداري دنيا ۽ عوام جي ڀلائيءَ ۽ سلامتيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آھي.

دنيا ۽ هن خطي ۾ وقت جي درپيش اهم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ آھي.صحت،تعليم،زرعي شعبي جي پائيدار ترقي،معاشي ترقي اسان جو گڏيل مقصد آھي.جنهن کي گڏيل سهڪار سان جاري رکبو. آمريڪي صدر خط ۾ ان ڳاله تي به زور ڏنو آھي ته پاڪستان ۾ 2022ع ۾ آيل ٻوڏ متاثرن جي بحالي،آبپاشي نظام جي بهتري ۽ گرين لائين فريم ورڪ توڙي ماحولياتي تبديلي سبب نقصان کي بهتر ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو آھي.

اهي سڀ ڳالهيون پنهجي جاءِ تي ان ڳالھه کي ظاهر ڪن ٿيون ته آمريڪا پاڪستان سان پنهنجي انگيجمنٽ پاليسي تحت راهموار رکڻ چاهي ٿو.باقي نه ته پاڪستان ته پنهجي ابتدائي سالن ۾ آمريڪا سان پنهنجا شفارتي تعلقات بهتر رکيا آھن.

پاڪستان ان عمل کي پنهبجي خارجه پاليسيءَ جو حصو رکيو آھي.ان جي باوجود پاڪستان سان آمريڪا جا تعلقات مثالي ناهن رهيا. اهو ياد رکڻ کپي ته آمريڪا پاڪستان سان سفارتي تعلقات پنهنجي مفادن جي بنياد تي قائم رکيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.