ڪراچي (پ ر) جي ايف ايس بلڊرز اينڊ ڊيولپرز پاران سيون ونڊر سٽي، فيز ون، ٽو ۽ انڪليو ۾ بڪنگ ڪرائيندڙ گهراڻن جي مان ۾ افطار پارٽي جو انتظام ڪيو ويو.
افطار پارٽي ۾ سيون ونڊر سٽي ۾ بڪنگ ڪرائيندڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي جي ايف ايس بلڊرز اينڊ ڊيولپرز جي سي اي او عرفان واحد چيو ته رمضان جو مهينو مسلمانن لاءِ الله جو خاص انعام آهي، هن مهيني هڪ ٻئي جي ڀلائي ۽ جنت ۾ داخل ٿيڻ ۽ جهنم مان ڇوٽڪاري لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون آهن.
سيون ونڊر سٽي جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته سيون ونڊر سٽي جي ايف ايس بلڊرز جو هڪ اهم منصوبو آهي جيڪو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، هي منصوبو دنيا جي 7 عجوبن مان آهي ۽ هن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح جا تفريحي پارڪ هوندا.
ڪراچي موٽروي جهڙي اهم جاءِ ايم نائن موٽروي تي هي پرڪشش ماڳ آهي ۽ 250 ايڪڙ ايراضي تي ٻڌل آهي جتي مختلف ماپ جي زمين تي پرائويٽ ۽ بزنس پلاٽ پيش ڪيا ويا آهن.
جي ايف ايس بلڊرز جي پراجيڪٽ مئنيجر محمد حسان جو چوڻ هو ته جي ايف ايس بلڊرز هر ڪلائنٽ کي ضروري سهولتون فراهم ڪيون آهن جن ۾ اسڪول، بازار، پارڪس، طبي سهولتون، جم ۽ مسجد شامل آه جڏهن ته سي سي ٽي وي سيڪيورٽي سسٽم به ڏنو پيو وڃي، هي پراجيڪٽ خواب جي سانڀيان جهڙو آهي.