انڊونيشيا ۾ فوجي هٿيارن جي گودام ۾ باهه لڳي وئي

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ فوج جي هٿيارن جي گودام ۾ باهه لڳي وئي، في الحال ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع سامهون ناهي آيو.
انڊونيشي اختيارين موجب باهه تخت گاهه جڪارتا ٻاهران فوجي هٿيارن جي گودام ۾ لڳي، باهه گودام جي ان حصي ۾ شروع ٿي، جتي مدي خارج هٿيار ذخيرو ڪيا ويندا آهن.
اختيارين ٻڌايو ته باهه لڳڻ سان ڪيترائي ڌماڪا ٿيا ۽ ڪارو دونهون آسمان تائين پکڙجي ويو، فائر فائٽرز باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.