لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نئين هيڊ ڪوچ لاءِ نيوزيلينڊ جي اسسٽنٽ ڪوچ ليوڪ رونڪي سان رابطو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ لاءِ نيوزيلينڊ جي اسسٽنٽ ڪوچ ليوڪ رونڪي سان رابطو ڪيو آهي جڏهن پي سي بي جي آڇ تي ليوڪ رونڪي جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ليوڪ رونڪي گذريل سال پي سي بي جي آڇ تي انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ بريڊ برن کي هيڊڪوچ بڻايو ويو هو.
ياد رهي ته ليوڪ رونڪي پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آبابد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، ان کان اڳ مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ آسٽريليا جي اڳوڻي آل رائونڊر شين واٽسن ۽ ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان ڊيرن سيمي به پي سي بي جي آڇ ڪري چڪا آهن.
You might also like