پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي مسجد نبوي صه مان افطاري جي وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر افتخار احمد ساٿي رانديگرن سان مسجد نبوي صلعم مان افطار جي وڊيو شيئر ڪئي جيڪا تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
پاڪستان سپر ليگ ختم ٿيندي ئي قومي ڪرڪيٽر بابر اعظم، امام الحق، نسيم شاهه ۽ افتخار احمد رمضان جي مقدس مهيني ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ سعودي عرب پهتا جتي رانديگرن جون عمري جي ادائيگي دوران ڪيئي وڊيوز ۽ تصويرون سامهون آيون.
هاڻ افتخار احمد انسٽاگرام تي ساٿي ڪرڪيٽرن سان گڏ مسجد نبوي صلعم مان هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Iftikhar Ahmed (@iftiahmed221)


وڊيو ۾ افتخار احمد ساٿي ڪرڪيٽرن نسيم شاهه، بابر اعظم، امام الحق سان گڏ مسجد نبوي صلعم ۾ افطاري ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.