چين ۾ فڪسنگ الزام هيٺ قيد ڪاٽيندڙ ڏکڻ ڪوريائي فٽبالر آزاد

بيجنگ (ويب ڊيسڪ ) چين ۾ هڪ سال کان قيد ڪاٽيندڙ ڏکڻ ڪوريائي فٽبالر سون جون هو کي آزاد ڪري ڇڏيو.
ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت فٽبالر جي آزادي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته سون جون هو خيريت سان گهر پهچي ويو آهي.
هن چيو ته قيد دوران مختلف چئنلز ذريعي چيني اختيارين سان رابطو رهيو ۽ منصفاڻي ٽرائل جي درخواست ڪئي هئي.
ياد رهي ته گذريل سال مئي ۾ سون جون هو کي چائينز سپر ليگ ۾ فڪسنگ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.