اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سينيٽر طلحه محمود پ پ ۾ شامل ٿي ويو.
سينيٽر طلحه محمود اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ نيئر بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي شموليت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي سينيٽر طلحه محمود چيو ته قومي سطح تي عوام لاءِ نڪرڻو آهي، ان لاءِ پ پ کان بهتر هن وقت ڪو آپشن ناهي.
هن چيو ته ملڪ هن وقت بحران مان گذري رهيو آهي ۽ ان کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته طلحه محمود جي پ پ ۾ آجيان ڪيون ٿا، ڪي پي مان وڌيڪ ماڻهو رابطي ۾ آهن ۽ جلد پ پ ۾ شامل ٿيندا.
You might also like