ٽيرف وڌائڻ مجبوري آهي نه ته گئس ڪمپنيون بند ٿي وينديون: اوگرا چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي چيئرمين مسرور احمد خان چيو آهي ته گئس اگهه وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو دٻاءُ ناهي، ٽيرف وڌائڻ مجبوري آهي نه ته گئس ڪمپنيون بند ٿي وينديون.
اوگرا چيئرمين مسرور احمد خان سوئي ناردرن گئس ڪمپني طرفان گئس ٽيرف ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
هن چيو اهو تاثر درست ناهي ته آءِ ايم ايف دٻاءَ تي گئس اگهه وڌايا پيا وڃن، اها درخواست ڪمپنين جا خرچ ۽ سرڪلر ڊيٽ وڌائڻ سبب آئي آهي ۽ ان تي اسان جا ماهر غور ڪندا، ضروري ناهي ته مڪمل واڌ ڪيون پر جيڪا به واڌ ٿيندي اها جولاءِ کان لاڳو ٿيندي، اسٽيڪ هولڊرن ۽ صنعتڪارن تجويز ڪيل واڌ جي سخت مخالفت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته اڳ ئي گئس تمام گهڻي مهانگي ٿي چڪي آهي، عام ماڻهو، ڪمرشل ۽ صنعتي واهپيدار گئس بل ڏيڻ لائق ناهن رهيا، گئس استعمال ڪندڙ ڪنيڪشن ڪٽرائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.