لاهور ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ٻه رڪني وفد چيمپئنز ٽرافي 2025 جي حوالي سان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ سهولتن جو جائزو ورتو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن وفد کي مختلف معاملن تي بريفنگ به ڏني.
آءِ سي سي جو ٻه رڪني وفد پاڪستان جي دوري تي آهي، ايونٽ آپريشنز جي سينيئر مينيجر سارا ايڊگر ۽ مينيجر عون زيدي تي ٻڌل وفد لاهور جي قذافي اسٽيڊيم جو دورو ڪري سهولتن ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.
وفد پي سي بي جي عهديدارن سان گڏ اسٽيڊيم جي مک عمارت ۾ پويلين ۽ هاسپيٽيلٽي باڪسز جو جائزو ورتو.
ان کانسواءِ وفد ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن جي سهولتن ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي پريڪٽس ايريا به ڏٺي.
You might also like