”پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو“ ٻئي ڏينهن به ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاج

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سکر جي سنگرار واري علائقي مان تقريبن اڍائي سالن کان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي  آزادي لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين معصوم ٻار، شاگرد، پوڙها، عورتون توڙي نوجوان احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، جيڪب آباد، ڪوٽ غلام محمد، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ هندو برادري مذهبي ڏڻ هولي جي ڏهاڙي تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر، ڊاڪٽر حسين لغاري، ڊاڪٽر انور حاجياڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته 4 ورهين جي معصوم پريا ڪماري کي 22 مهينا اڳ اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي سنڌ توڙي وفاقي سرڪار آزاد نه ڪرائي سگهي آھي، پريا ڪماري جا وارث اڄ به پنهنجي معصوم ڌي لاءِ در تڪي رهيا آھن ۽ سراپا احتجاج آھن، پر هن وقت تائين سندن نياڻي بازياب ٿي گهر نه پهتي آھي، ڪنري ۾ هندو برادري پاران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو، ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين شيوانند سنڌي، اشوڪ ڪمار، چندر ڪمار، نريش، لوو ڪمار، مهاديو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اعظم چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب ڪنري تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، ڪوٽ غلام محمد نيشنل پريس ڪلب آڏو مالھي ڳوٺ باغات واسي نوجوانن پاران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ واسو مالھي، شنڀو مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ ادبي سنگت ضلعي خيرپور پاران سچل سرمست جي اڱڻ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، آزاد انصاري، قربان گل، ڄام محبت سهتو، وفا گل وساڻ، زبير سومرو، درد هوش محمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، سنگرار مان ٻه سال اڳ ڏهه محرم واري ڏينھن پنھنجي وال  راج ڪمار سان گڏجي امام حسين عليه اسلام جي سبيل پياريندي اغوا ٿيل نياڻي پريا ڪماري جي آزادي ساماري جي شھرين سماجي اڳواڻ هر لعل امر، لالجي ڪولهي، اوتمچند مالهي، ڌيالداس سورماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپوربٺورو ۾ معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ معصوم ٻارڙن پاران ميڻ بتيون ٻاري سماجي ورڪرز مددگار سوشل گروپ پاران تابع علي قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شھرين پاران پڻ وحيد گھانگھرو، صدام ملاح، محبوب ابڙو راشد کوسو صدام رند ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، پريا ڪماري جي آزادي لاءِ  ڪوٽ غلام محمد ۾ به مالھي برادريءَ جي نوجوانن واسو مالھي، شنڀو مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٺٽي ۾ به پريا ڪماري جي آزادي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاڙيل ڪلچر خلاف لاڙ عوامي فورم جي سڏ تي نوجوانن پاران  حيدر شورو، دِلدار ھالو، ياسر جاکرو، اَظھر ھالو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نٽھڻ اس ۾ پريس ڪلب ٺٽي اڳيان احتجاج ڪيو ويو، راڄوخاناڻي ۾ به پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ٻارڙن ۽ وڏڙن طرفان پلي ڪارڊ ۽ پريا جون تصويرون کڻي احتجاج ڪيو ويو، ريلين ۽ مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته معصوم پريا ڪماري جي اغوا ۾ وڏا هٿ ملوث آهن، اڍائي سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود معصوم نياڻي کي آزاد ناهي ڪرايو ويو، معصوم نياڻي پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ حڪومت ڪي به قددم نه کنيا آهن، بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، ڌاڙيلن کي هٿ سان سنڌ ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي، پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.