دبئي ( ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) وائيٽ بال ( ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ) ميچن ۾ ” اسٽاپ ڪلاڪ “ جو هڪ نئون قانون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو هلندڙ سال جون شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان لاڳو هوندو.
آءِ سي سي جي بورڊ طرفان پهرين جون کان فل ميمبر ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي مقابلن دوران اسٽاپ ڪلاڪ کي لازمي قرار ڏئي ڏنو ويو آهي.
اسٽاپ ڪلاڪ مان مراد گرائونڊ ۾ لڳل اليڪٽرانڪ گهڙيال آهي جيڪو ٻڙي کان سٺ سيڪنڊن تائين جو وقت ڏيکاري ٿو ، جڏهن ته اسٽاپ ڪلاڪ شروع ڪرڻ بابت فيصلو ٿرڊ امپائر ڪندو.
گذريل سال ڊسمبر ۾ اِهو قانون انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز خلاف هڪ ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آزمايو ويو هو.
آءِ سي سي موجب، نئين قانون تحت ٽرائل دوران هڪ ون ڊي ميچ ۾ 20 منٽن جووقت بچايو ويو.
نئين قانون تحت فيلڊنگ ڪندڙ ٽيم کي وقت سر اوور شروع ڪرڻ تي ٻه دفعا وارننگ ڏني ويندي پر جيڪڏهن ان کانپوءِ به نئين اوور ۾ دير ڪئي وئي ته بيٽنگ سائيڊ کي پنج رنسون ڏنيون وينديون.
آءِ سي سي موجب، هڪ ڀيرو ڪائونٽنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ گهڙيال کي ڪجهه سببن جي بنياد تي روڪي به سگهجي ٿو .
1 جڏهن هڪ اوور جي پڄاڻي ۽ ٻئي جي شروع ٿيڻ کان اڳ نئون بيٽر ڪريز تي اچي
2 جڏهن پاڻي جو وقعو ورتو وڃي
3 جڏهن امپائر فيلڊ تي موجود ڪنهن فيلڊر يا بيٽر کي طبي امداد ڏئي
4 اهڙي صورتحال وقت ضائع ٿئي جنهن تي فيلڊنگ ٽيم جو ڪو به اختيار يا عمل دخل نه هجي