ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن هاڪاري رجحان رهيو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن 100 انڊيڪس 373 پوائنٽون واڌ سان 65 هزار 525 تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 65 هزار 656 رهي.
بازار ۾ اڄ 26 ڪروڙ 11 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 8 ارب 94 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 40 ارب رپيا وڌي 9 هزار 211 ارب رپيا آهي.
Prev Post
You might also like