پي سي بي جي اهم عهديدار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ڪمرشل بابر حامد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب، بابر حامد پنهنجي استعيفيٰ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي جڏهن ته وڌيڪ ڊائريڪٽرز جي استعيفائن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي سي بي چيئرمين ڊائريڪٽرز سان گڏجاڻي ڪئي هئي، اجلاس ۾ ڊائريڪٽرز جي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ورتي وئي هئي.
اجلاس دوران محسن نقوي ڊائريڪٽر ڪمرشل مارڪيٽنگ ۽ اسٽيٽ کي ريونيو جنريشن جو پلان تيار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو هو.
ياد رهي ته بابر حامد کي ڊائريڪٽر طور اڳوڻي پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف واپس آندو هو، ان کان پهرين هو احسان ماني ۽ رميز راجا جي دور ۾ به پي سي بي ۾ خدمتون انجام ڏيندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.