سپريم ڪورٽ: ايف آءِ اي جي صحافين خلاف ڪيس واپس وٺڻ جي خاطري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي صحافين خلاف ڪيس واپس وٺڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان 2021 ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، ان وقت صحافين کي هراسان ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ان وقت جيڪڏهن فيصلو ٿي وڃي ها ته اڄ هي ڏينهن نه ڏسڻو پئي ها.
چيف جسٽس چيو ته اهو معاملو ايف آءِ اي نوٽيس ملڻ کان وڌيڪ سنگين هو، جيڪي ماڻهو پوئتي هٽي ويا، انهن جي به ڪمزوري آهي، الزام ته هنيو ويندو آهي پر عدالت پيش ٿي موقف ناهي ڏنو ويندو، پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ صحافين سان ڇا ٿيو، ان تي ته ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
صحافين جي وڪيل چيو ته پيڪا جو هڪ سيڪشن 20 آهي، جنهن جو هر هر غلط استعمال ڪيو ويندو آهي.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ايف آءِ اي عامر مير ۽ عمران شفقت خلاف ڪيس واپس وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ايف آءِ اي اختيارين موجب ڪيس واپس وٺڻ لاءِ درخواستون داخل ڪيون وينديون.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.