ڪراچي ۾ شام 5 وڳي کان افطاري تائين شهرين جو چالان نه ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي ۾ شام 5 وڳي کان افطاري تائين شهرين جو چالان نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي احمد نواز حڪم جاري ڪيا آهن ته شام 5 وڳي کان افطاري تائين ڪو آفيسر چالان نه ڪندو، ٽريفڪ جو نظام بهتر رکيو وڃي ته جيئن هر شهري آساني سان گهر ۾ افطاري ڪري سگهي، فيملي سان موجود ماڻهن کي چالان بدران وارننگ ڏئي رهنمائي ڪئي وڃي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته ون وي جي ڀڃڪڙي تي فوڪس ڪيو، ان سبب حادثا ٿيندا آهن، ڪراچي ۾ ون وي جي ڀڃڪڙي تي ٽريفڪ جي رواني ۾ به خلل ٿيندو آهي، روڊ تي ٽرننگ وٽ گاڏين، رڪشن ۽ موٽر سائيڪلن جي پارڪنگ روڪي وڃي.
هن هدايت ڪئي آهي ته آفيسر باڊي وارن ڪئميرا بنا چالان نه ڪندا، آفيسر ۽ اهلڪار گڏجي نه بيهندا، شاهراهه فيصل تي فاسٽ لين جي پابندي کي يقيني بڻايو وڃي، موٽر سائيڪل سوارن کي پنهنجي لين ۾ هلڻ جي هدايت ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته گاڏين جي لفٽنگ جو مخصوص ٽائم مقرر ڪيو وڃي، گاڏيون رڳو ڊبل پارڪنگ يا غير قانوني پارڪنگ تان کنيون وڃن، بدتميزي يا جهيڙو ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.