”فري جون ملاقاتون بند“ انوراگ نون اداڪارن کان ملاقات لاءِ وڏي رقم گهري ورتي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي فلمساز انوراگ ڪيشپ چيو آهي ته هو شوبز انڊسٽري جوائن ڪندڙ نون فنڪارن کان ڏهن منٽن جي ملاقات لاءِ هڪ لک رپيا معاوضو وٺندو.
فلمساز انوراگ ڪيشپ پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾هن لکيو ته شوبز انڊسٽري نون فنڪارن جي مدد ڪندي گهڻو وقت وڃايو آهي جنهن جي بدلي مون سا ڪا به ڀلائي ناهي ٿي.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته مان هاڻي نون فنڪارن سان ملاقات تي پنهنجو وقت نٿو وڃائڻ چاهيان جيڪي ماڻهو پاڻ کي تخليقي ذهين سمجهن ٿا اُهي معاوضو ادا ڪري مون سان ملي سگهن ٿا.
فلمساز چيو ته اهڙي ريت هڪ ڪلاڪ جي ملاقات لاءِ هڪ لک جڏهن ته ٻن ڪلاڪن جي ملاقات لاءِ لاءِ پنج لک رپيا رقم ايڊوانس فيس طور ادا ڪرڻي پوندي.
انوراگ ڪيشپ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته مان نون فنڪارن سان ملاقاتون ڪري ٿڪجي پيو آهيان، جيڪڏهن اوهان ملاقات لاءِ اِها فيس ادا ڪرڻ جي قابل ته فون ڪريو ٻي صورت ۾ مون کان پري رهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.