اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شعبن ۾ مجموعي طور تي 5 هزار 800 ارب رپيا ٽيڪس چوري جو انڪشاف ٿيو آهي، ايف بي آر ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي متعارف ڪرائي ڇڏي.
ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته رڳو سيلز ٽيڪس جي مد ۾ ساليانو تقريبن ٻه هزار 900 ارب رپين جي چوري ٿي رهي آهي، سمگلنگ سبب پيٽروليم سيڪٽر ۾ 996 ارب رپين جي ٽيڪس چوري، ريٽيل سيڪٽر ۾ 888 ارب ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ 562 اربن جو روينيو گيپ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب بجلي پيدا ڪندڙ نجي ڪمپنين کان به 498 ارب رپيا گهٽ ٽيڪس وصولي جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ برآمدي شعبي ۾ 342 اربن جي ٽيڪس چوري، جڏهن ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ به ساليانو 148 ارب گهٽ ٽيڪس وصول ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٻين مختلف شعبن ۾ مجموعي طور تي 1600 اربن کان وڌيڪ جي ٽيڪس گيپ جو ڪاٿو آهي.
هوڏانهن وفاق ۽ صوبن جي خرچن جو ڪاٿو جي ڊي پي جي 19 سيڪڙو جي برابر پر ٽيڪس وصولي 11.4 سيڪڙو آهي.
ٽيڪس چوري جي تدارڪ لاءِ ايف بي آر گڏيل حڪمت عملي واضح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت روينيو جنريشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪيو ويندو ۽ آٽوميشن کي هٿي ڏني ويندي.
You might also like