فوجي تربيتي ڪئمپ، شاهنواز ڏاهاڻي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ فٽنس ڪئمپ مان ٻاهر ٿيندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 26 مارچ کان ڪاڪول ۾ شروع ٿيندڙ ٽي 20 فزيڪل ڪيمپ لاءِ 29 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان آرمي جي سهڪار سان هن ڪيمپ جو انعقاد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ رانديگرن کي ايندڙ سيريز ۽ ٽورنامنٽ لاءِ مخصوص حڪمت عملي جي موجب تيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ نيوزيلينڊ خلاف هوم ٽي ٽوئنٽي سيريز، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز ۽ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول آءِ سي سي ٽي ٽوئنتي ورلڊ ڪپ شامل آهن.
پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهنوار ڏاهاڻي سخت تربيتي سيشن ۾ سليڪٽ نه ٿيڻ ڪرڻ تي مايوسي جوا ظهار ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي شاهنواز لکيو ته منهنجي لاءِ افسوس جي ڳالهه ناهي ڇو ته مان ان ڪئمپ کانپوءِ به سڀ کان فٽ بالر هوندس.
واضح رهي ته ڪيمپ ۾ شامل رانديگرن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، وسيم ايوب، فخر زمان، صاحبزاده فرحان، حسيب الله، سعود شڪيل، عثمان خان، محمد حارث، سلمان علي آغا، اعظم خان ۽ افتخار احمد شامل آهن.
ان کان کانسواءِ عرفان خان نيازي، شاداب خان، عماد وسيم، اساما مير، محمد نواز، مهران ممتاز، ابرار احمد، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، محمد عباس آفريدي، حسن علي، محمد علي، زمان خان، وسيم جونيئر، عامر جمال. حارث رئوف ۽ محمد عامر به فٽنيس ڪيمپ جو حصو هوندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.