سينيٽ چونڊون: قومي اسيمبلي اجلاس پهرين اپريل تي گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊن لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس پهرين اپريل تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻه اپريل تي سينيٽ چونڊن بابت منظوري ورتي ويندي ۽ قومي اسيمبلي هال کي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل ڪيو ويندو.
پارلياماني معاملن واري وزارت سمري وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي ۽ وزيراعظم هائوس اجلاس گهرائڻ جي سمري صدر کي موڪليندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.