واٽس ايپ طرفان اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ هڪ ڪارائتي فيچر متعارف ڪرائڻ بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
هن فيچر سان واهپيدار وائس پيغام کي ٻڌڻ بدران پڙهي سگهندا.
هڪ رپورٽ موجب، واٽس ايپ طرفان وائس ميسج کي ٽرانسڪرائپ ڪرڻ وارو فيچر اينڊرائيڊ ڊيواسز بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي فيچر جي مدد سان صارف وائس ميسج ٻڌڻ کان اڳ ئي پيغام جو متن لکت ۾ پڙهي سگهندو، جڏهن ته بيٽا ورجن ۾ فيچر ان ايبل ڪرڻ لاءِ 150 ايم بي ڊيٽا به ڊائون لوڊ ڪرڻي پوندي.
هي فيچر ڪنهن اهڙي هنڌ ڪارائتو ثابت ٿيندو جتي گوڙ سبب وائس ميسج ٻڌڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي.
رپورٽ موجب، وائس ميسج جي متن کي اينڊٽو اينڊ انڪرپشن تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڊيوائس جي speech recognition جو فيچر استعمال ڪيو ويندو.
يعني وائس ميسج کي لکت ۾ بدلائڻ وارو عمل فون جي اندر ئي هوندو جيئن واهپيدارن جي پرائيويسي برقرار رهي.
جيئن مٿي ڄاڻائي چڪا آهيون ته فلحال هي فيچر بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي انڪري سمورن واهپيدارن لاءِ ڪيستائين دستياب هوندو اِهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي.
پر رپورٽ ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته فيچر تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي ۽ امڪان آهي ته تمام جلد پليٽ فارم جو حصو بڻجي ويندو.
Next Post
You might also like