ڊي آءِ خان ۾ آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ اڳوڻو ڊائريڪٽر زراعت احسان الله گنڊاپور به مارجي ويو.
ڊيرا ۽ ٽانڪ جي دنگ تي ڪلاچي جي علائقي ڪوٽ ڪنديان ۾ دهشتگردن خلاف گڏيل ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز، سي ٽي ڊي ۽ پوليس شرڪت ڪئي.
پوليس موجب مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب اڳوڻو ڊائريڪٽر زراعت احسان الله گنڊاپور به مارجي ويو.
پوليس ٻڌايو ته دهشتگردن جي قبضي مان جديد هٿيار، بارودي مواد ۽ ٻيو سامان برآمد ٿيو آهي، سندن سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، انهن ۾ هڪ افغاني به شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.