پريا ڪماري جي اغوا ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) جيئي سنڌ محاذ پاران 4 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون رياض چانڊيو، ڊاڪٽر بدر چنا، روشن ٻرڙو، پنهل ساريو، نعمت کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ھٿ وٺي ڌاڙيل ڪلچر رائج ڪيو ويو آھي، سنڌ جي غريب مسڪين ماڻھن کان وٺي استادن ۽ خاص طور هندو برادري کي ٽارگيٽ ڪري انهن اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کان ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ٿئي 3 سال گذري ويا آھن، پر معصوم نياڻي کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي. هنن چيو ته پريا ڪماري جي اغوا بابت رياست کي سڀ خبر آھي پر ان باوجود معصوم نياڻي کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي. هنن چيو ته تازو سنڌ ۾ اغوا ۽ ڦر جي واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي ويو آھي، پوليس ۽ ٻيا ادارا ڌاڙيلن سامهون بيوس نظر پيا اچن، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آھي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي پٺڀرائي آھي ۽ انهي پٺڀرائي ڪري ڌاڙيل وڊيو بيانن ذريعي هندن کي سنڌ مان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هنن چيو ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري جو ڪم ڦرلٽ ڪرڻ ھوندو آھي، ڪنهن کي قوم يا مذھب جي بنياد تي نشانو بڻائڻ نه هوندو آھي، پر هن وقت ڌاڙيلن پاران هندن کي سنڌ ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڪجھ ٻيو ظاهر ڪري رهيون آھن. هنن چيو ڌاڙيل اجمل ساوند کي قتل ڪن ٿا، صحافي جان محمد مهر قتل ٿئي ٿو، استاد الله رکيو نندواڻي کي ماريو وڃي ٿو، اسڪول ويندي استاد هدايت لوهار ماريو وڃي ٿو، اهو ڇا ظاهر ڪري رهيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سنڌ ۾ رهندڙ ھندن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪيو وڃي،ٽنڊي محمدخان ۾  جسم پاران ايوب ڪوريجو،اصغر نوناري ، مجاھد ھاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وئي، ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن گھايل سنڌي، غلام عباس باجڪاڻي،سلطان نندواڻي، ظفر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته پريا ڪماري ھڪ بااثر سيد اسد شاھ وٽ قيد بڻيل آهي جيڪو سائين خورشيد احمد شاهه جو ويجھو عزيز آهي جنهن کي پوليس گرفتار ڪرڻ کان لوائي رھي آھي، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) طرفان لياقت علي عمراڻي، ذوالفقار علي جوکيو، عبدالستار جاگيراڻي، محمد سليم چنه، رياض حسين کوسو، شاھنواز ٿهيم، فدا حسين جاگيراڻي، وريام چنه جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،هوڏانهن  جيئي سنڌ محاذ ڪراچي ڊويزن پاران پريا ڪماري جي اغوا، سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف سليم حاجاڻو، ضمير حاجاڻو، نثار چانڊيو، عبدالغفور ڪلوڙ، فقير بشير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ميرپور ماٿيلي ۾ پ پ ش ڀ پاران حيدر ڪورائي، وسيم کوسو،سعيد احمد منگي، معشوق ڇڄڻ، فرمان ڪلھوڙو، مجاھد علي گبول، الطاف حسين گبول، واجد ميراڻي، الھڏتو بوزدار جي اڳواڻي ۾ ،نوشهروفيروز ۾ جسم پاران ابرار  مورائي اوشاق  چانڊيو جي اڳواڻي ۾نواب شاھ ۾ پ پ ش ڀ پاران اڪبر سوڍر، بابر مغيري، شاھڪار ملاح، غازي نجيب چانڊيو، رزاق رند، لالا انور، وسيم ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ،پني عاقل ۾ ايڊووڪيٽ سردار قربان ڪلوڙ، مختيار بلو، جاويد نوحاڻي، ڪامريڊ لال چاچڙ، گلشن ملڪ، نيڪ محمد ڪورائي  ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ سڪرنڊ ۾ جسم جي اڳواڻن ساگر ملاح، مشتاق لغاري، مصطفٰى عمراڻي، اويس گبول، منور عمراڻي، لالا قدير لغاري جي اڳواڻي ۾ ڪشمور ۾ ھندو نوجوان اتحاد ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايوش ڪمار،سني ڪمار فقير محمد زمان دايو ڄام اصغر چاچڙ افضل عطا ڪلوڙ مجتبي لانگاھ ۽ ٻين ريلي ڪڍي خيرپور ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران صفت هاليپوٽو ، عطاءُ الله ڀٽو ، وحيد علي گوپانگ ، حُسين خان، نور محمد گوپانگ ، ضمير حُسين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، هوڏانهن جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن پرويز علي چانڊيو، منٺار علي چولياڻي، مظهر علي چانڊيو، ڊاڪٽر زاهد علي ڪيريو پاران کيبر قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ، ڀان سيد آباد ۾ جيئي سنڌ محاذ رياض گروپ پاران سنڌ اندر وڌندڙ بدامني ڌاڙيل ڪلچر ۽ معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاء جيئي محاذ رياض گروپ جي مرڪزي اڳواڻ اياز سولنگي ايس يو پي اڳواڻ اصغر شاهاڻي جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر ڪو به ماڻھو محفوظ ناهي سرعام اغوا ڌاڙا ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن پر رياست خاموشي جو روزو رکيو ويٺي آھي جيڪا سنڌ جي عوام سان سراسر ناانصافي آهي ، هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي، پريا ڪماريءَ سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيل آهن، ڀرياسٽي ۾ جسم ضلعي اڳواڻن عرفان ڏاھري ابرار مورائي خليل شر عالم بالادي امتياز ڏھراج نعمان ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ڀرياسٽي مين چوڪ کان نيشنل ھا۽ وي تائين ريلي ڪڍي وئي هوڏانهن ڇور پريس ڪلب آڏو سماجي اڳواڻن  پرٿوي سوڍو ڪامريڊ رميش عاجز عرفان رحمان گل آرزو آصف اعجاز نھڙي، اڪبر سومرو ، کيت سنگهھ  ۽ ٻين  احتجاجي  مظاهرو ڪيو، ڏھرڪي  ۾جيئي سنڌ محاذ مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني اغوا ڪاري لاقانونيت قبيلائي تڪرارن جي خاتمي ۽ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن وڏي انگ  ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي رابطه  سيڪريٽري ڪمال مهر نظير احمد شيخ جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ مير حسن لاشاري. ايس يو پي ضلع جنرل سيڪريٽري اڪرم ميتلو عمر ڀيو. ظهور دايو. پرويز مهر. مڪيش ڪمار، ڌنيش ڪمار ۽ ٻين چيو سنڌ ۾ هٿرادو بدامني لاقانونيت آهي، ڌاٻيجي پريس ڪلب پاران سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڌاٻيجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي مختلف سول سوسائٽي اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي انهي موقعي تي،مقصود جوکيو ، قاري فياض ،مصطفي ساريو ، رحيم  شورو ، شير زمان جوکيو، فهيم انصاري ،ذولفقار خاصخيلي دائود شاھ ۽ ٻين چيو ته گذريل 22 ورهين کان سنڌ ڌرتي جي معصوم هندو نياڻي کي گم ڪيو ويو آھي 22 مهينا گذرڻ باوجود ان کي اڃا تائين ڪٿي به ظاهر نه ڪيو ويو آھي جڏھن ته ان جي امڙ روئي روئي بيحال ٿي چڪي آھي پر حڪمرانن جي ڪن تي جوء به نٿي سري سنڌ جي اندر وڏيرا پير مير سردار رياست اندر پنهجي رياست قائم ڪيو ويٺا آھن ڌاڙيل ڪلچر کان هٿي ڏئي  هنڌو نياڻين سميت اقليتي برادري کي اغوا ڪري ان تي تشدد ڪري انهن کان ڀنگ وٺي ڪري پنهجي ڌرتي تان لڏائڻ لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڏني آھي،ٺل ۾  ايس يو پي ڊويزنل صدر ڪامريڊ جمال جوش ٻرڙو ،سالار مير حسن ٻرڙو، ڪامريڊ آدرش،ظفر لاشاري، محمد بخش بروھي،مکي ويرسنگھ لال، گرمکداس داس سميت معصوم ٻارڙ. سرمد ،سرواڻ، مھڪ، سنگيتا، انيلا، سنڌو، دودو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، وارھ ۾ عرفان منان چانڊيو ، نجيب چانڊيو جئڪال داس، دريا خان ميرجت محمد علي چانڊيو،علي گل چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي فورم، سنڌي ادبي سنگت وارھ  ۽ ننڍڙن ٻارڙن ٻئي ڏينھن به احتجاجي مظاھرو  ڪيو، ٺٽي ۾  پريا ڪماري جي اغوا واقعي ۽ مڪلي جي قبرستان ۾ سومرا برادري جي معرزز شخصيت غلام قادر سومرو جي قبر جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف پ پ شھيد ڀٽو پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان بابو احسان ڀٽو، فيروز سومرو، رمضان بروھي، رفيق سومرو، گلاب خان لنڊ، خالد ڪيھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي معصوم ٻارڙن جو اغوا ٿيڻ توڙي قبرستانن جي بيحرمتي ڪرڻ وارن خلاف ڪو قدم کڻڻ لا۽ تيار ناھي، 22 مھينا گذرڻ باوجود معصوم پريا ڪماري جو ڪو ڏس ناھي پئجي سگھيو سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھجڻ باوجود پوليس ۽ حڪومت خاموش آھي امڙ جي صدا ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. اوٻاوڙو ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پ پ پ شهيد پٽو جي علي نواز سپيو جي اڳواڻي  احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، علي نواز سپيو شير محمد چاچڙ علي نواز ڪوڀر اصغر علي ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي  چيو  ته 2  سالن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود سنگرار شهر مان ڏينهن ڏٺي جو اغوا ٿيل 8 ورهين جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي عدم بازيابي سنڌ حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت ۽ معصوم ٻارڙن جو اغوا اسان جي ادارن تي هڪ سواليه نشان آهي انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي،سن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ غفار ميرجت ۔ منٺار ڇڇر ۽ ٻين جي اڳواڻي ڄامشورو سيوهڻ انڊس هاء روڊ تي رڪاوٽون کڙيون ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو  جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏئڻو پئجي ويو، جيئي سنڌ محاذ جي ڌرڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ انور منڱڻهار ،نعمت الله شاهاڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪري حمايت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪري امن امان کي تباھ ڪيو پيو ، بدامني جي راڪاس سبب شهرين توڙي انهن جي مال ملڪيت محفوظ ناهي، لاقانونيت سبب سرعام ڏوهاري شريف ۽ عزتدار شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي رهيا آهن پر ڪٿي به قانون نظر نه پيو اچي هوڏانهن سن ۾ پريا ڪماري جي آزادي جي لاءِ ايس يو پي سن ٽائون طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،ايس يو پي ٽائون سن جي اڳواڻ نعمت الله شاهاڻي ۔ انور منڱڻهار ۽ ٻين  اڳواڻن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريا ڪماري جي آزادي جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري جيئي سنڌ پليٽ فارم اڳيان ڌرڻو هنيو ايس يو پي جي احتجاج ۾ جيئي سنڌ محاذ ۔ جسقم ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڄامشوري ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان  ضلعي ڄامشورو صدر شهزاد راڄڙ، سليمان ڀلائي، ديدار بگھيو، سيد طالب شاھ، ڊاڪٽر رفيق ڀلائي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک چوڪ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ جوشيلو سنڌي حاڪم چانڊيو سميت ٻين شرڪت ڪئي شهدادڪوٽ ۾ڪامريڊ عرس سيلرو،وهاب پنڌراڻي،فاروق سومرو،وشال پلياڻي،نعيم لاشاري،صدر قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نوشهري فيروز ۾ مظاهري ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي صوبائي جنرل سيڪريٽري رحيم بخش کوسو، سنڌي ادبي سنگت جي ضلع رابطا سيڪريٽري ايم ظفر تڳر، سنڌ صحافي اتحاد جي ضلع آرگنائيزر يونس راڄپر، پ پ ش ڀ جي ضلعي صدر خالد حسين کوسو، خالد حسين چانڊيو، ايس ٽي پي جي اسد چانڊيو، عتيق الرحمان وسطڙو، نظير احمد سولنگي، سنگت شاخ نوشهرو فيروز جي ساگر يوسف منگي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،هوڏانهن جيڪب آباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري ۽ جيڪب آباد ۾ اغوا ٿيل نويد لاشاري جي بازيابي لاءِ شھيد ڀٽو ھائوس کان نديم قريشي انجمن تاجران جي صدر احمد علي بروهي عبدالسميع سومرو، نور محمد منجھو ، سعيد بروهي    جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، محرابپور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ھالاڻي جي شاعرن،اديبن۽ شهرين شريف سومرو،جعفر شاه،غريب اياز لاشاري،قربان گاڏھي  اصفدر ميمڻ ،اياز ميمڻ،اداس عالم، نادم امتياز،رياض گاڏھي، مھدي سومرو ،سڄڻ خان ۽ نبي بخش سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،نصير آباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، رسول بخش کوسو، امداد چانڊيو، عليزا کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.