لاڙڪاڻو/سکر(عبدالوحيد ابڙو+آزاد مهر ) صوبائي وزير پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ توانائي سيد ناصر حسين شاهه لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان اسان جي ذميواري آهي ان لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير ۽ گهرو وزير کي هدايتون ڏنيون آهن ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي، وڏو وزير ۽ گهرو وزير امن امان جي بهتريءَ لاءِ سرگرم آهن ايندڙ ڏينهن ۾ بهتر نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪامورن جي بدلين ۽ مقررين ۾ ڪي به اختلاف ناهن اهڙا افواهه سوشل ميڊيا تي ڦهلايا ويندا آهن جنهن ۾ ڪا به سچائي ناهي، وڏ وزارت جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪارڪردگي سڀ کان بهتر رهي آهي تنهن ڪري کيس پارٽي قيادت وڏ وزارت لاءِ نامزد ڪيو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور 20 لک گهر ٺاهي ڏيڻ بابت 20 هزار گهر ٺاهڻ وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ٻين گهرن جي تعمير جو به ڪم تيزيءَ سان هلي رهيو آهي، ٻن سالن جي عرصي دوران 20 لک گهر مڪمل ٿي ويندا ان کان علاوه پارٽي منشور جي ٻين نقطن تي به عمل درآمد ڪيو ويندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو حصو نه بڻجندي پر اسين ن ليگ جي وفاقي حڪومت جي حمايت ڪندا رهنداسين. هن چيو ته پريا ڪماري اسان جي نياڻي آهي سندس بازيابيءَ لاءِ چيئرمين جي هدايتن تي وڏو وزير سکر آيو ۽ چيف جسٽس به نوٽيس ورتو ان کان علاوه ٻين ادارن کان به اسان مدد ورتي، پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏياري ويندي، هوڏانهن سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي نااهلي سبب حڪومت کي آءِ ايم ايف جا سخت شرط مڃڻا پيا آهن پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ جن شرطن تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو ان کان اڳ ڪنهن به حڪومت شرطون قبول نه ڪيون هيون پي ٽي آءِ جي نااهلي سبب اڄ اسين آءِ ايم ايف جي چنبي ۾ آهيون، پيپلز پارٽي ۽ حڪومت آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي نقصان ۽ مصيبت کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر موجوده صورتحال ۾ ملڪ لاء ڪجهه غير اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، اهڙو اظھار هن ڪمشنر آفيس سکر ۾ ٿيل اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو