ضيا لنجار ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي نه ڪندڙ پوليس آفيسر هٽائي: مخدوم جميل الزمان

هالا(رپورٽ: عاقل ابڙو) مخدوم غلام حيدر آڊيٽوريم هال هالا ۾ طالب المولا اڪيڊمي پاران مرحوم مخدوم خليق الزمان جي ياد  ڇپايل ڪتاب(شان حسين) جي مهورت جي پروقار تقريب منعقد ٿي گذري.ڪتاب جي مهورت سروري جماعت جي روحاني پيشوا اڳواڻ ۽ ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم جميل الزمان جن ڪيو. تقريب ۾ سيد مختيار حسين عرف بابو شاهه، مولوي مولابخش هالائي، لا ڪاليج جو پرنسپال ايڊوڪيٽ قربان علي ڀٽو، سيد ممتاز علي شاهه، ليکڪ خادم حسين علوي ڪتاب جو مهورت ڪيو، مخدوم جميل الزمان چيو ته مخدوم خليق الزمان جي وڇوڙي سبب مخدوم خاندان سميت پوري ضلعي ۾ سندس خال ڪيربه پورو نٿو ڪري سگهي چاهي مخدوم جميل الزمان موجودہ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هو اڳوڻي صدر ايوب جي مزار تي فاتحه لاءِ ويس جنهن جو رستو ٻن ڪلاڪن جو ٿيندو مگر اتان جا روڊ رستا اهڙا ته بهترين ٺهيل آهن جو اهو رستو هڪ ڪلاڪ ۾ طئه ڪيو ويو سنڌ حڪومت به سنڌ جا روڊ رستا اهڙا بهترين ٺهرائي ، سنڌ جي ڪراچي سميت ڪنهن به شهر ۾ ڪو به رستو اهڙو ناهي ٺهيل سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ تي هن چيو ته وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاهه، وزير داخلا ضياء الدين لنجار جن ڌاڙيلن کي  نه ماريندا، بلڪه سنڌ ۾ ڏوهن ۽ ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي مخدوم جميل الزمان صوبائي گهرو وزير ضيا لنجارکي مخاطب ٿيندي چيو ته ڏوهن جو خاتمو نه ڪندڙ پوليس آفيسر خلاف فوري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.ان موقعي تي مقامي صحافين ضلعي مٽياري ۾ وڌنڌڙ  بدامني جي شڪايت ڪندي عام شهرين جيان هالا سميت پوري ضلعي مٽياري جي صحافين مٿان ڏوهارين پاران حملا، گهرن اوطاقن مان چورين ۽ پوليس پاران جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.