سنڌ جي 5 کان 6 ضلعن ۾ بدامني آهي: نثار کهڙو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته اسان جي صدر جي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ 12 سالن کانپوءِ اهو محسوس ڪيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان زيادتي ٿي آهي اها  گهر ڪيون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جمهوريت جو قومي هيرو تسليم ڪيو وڃي،اهڙو اظهار هن پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد علي نواز شاهه رضوي جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ 2025ع ۾ ايندو،آئيني ترميم کانپوءِ 17 وزارتون صوبن حوالي ٿي چڪيون آهن، پر اهي اڃا تائين وفاقي وزارتن ۾ موجود آهن هن چيو ته جنرل هجن يا بيوروڪريٽس اهي سڀ عوام سامهون جوابده آهن، باقي خواجا آصف جيڪو بيان ڏنو آهي ان جي هو پاڻ وضاحت ڪري ته هن حاضر سروس يا اڳوڻن جنرل بابت ڇا ڳالهايو آهي. هن چيو ته سنڌ جي 5 کان 6 ضلعن ۾ بدامني آهي اتي امن امان لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ان موقعي تي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو، اڳوڻو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، عبدالجبار خان، پ پ ڊويزن جو صدر علي نواز شاهه رضوي، ضلعي صدر صغير قريشي، آفتاب خانزادو ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.