راڌڻ ۾ احتجاج، اقليتي ميمبرن تي تنقيد،هولي سادگي سان ملهائڻ جو اعلان

راڌڻ ( رپورٽ: ستار ميراڻي )  سڄي سنڌ جيان راڌڻ ۾ به معصوم پرياڪماري جي آزادي لاءِ  سنڌ شھري اتحاد، جسقم، جسم، ايس ٽي پي، ھندو برادري ۽  سياسي سماجي ڌرين پاران ايڊوڪيٽ اعجاز علي جانوري، راجه غضنفر جھتيال، ھريش ڪمار، فقير صابر حسين راڌڻ، علي شير جوڻيجو، ماڻڪ لعل، نادر سولنگي جي اڳواڻي ۾ سيوھاڻي چونڪ کان حسيني چونڪ تائين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪندي چيو 2 سال اڳ محرم الحرام عاشورن جي ڏھاڙي ۾ معصوم پريا ڪماري سبيل ھلائيندي اغوا ٿي وئي ان وقت به سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ھئي ۽ اڄ به پ پ جي حڪومت آهي ۽ اقليتي اڳواڻ مرڪز توڙي سنڌ ۾ پ پ جا ڪافي اقليتي وزير آھن ڪنھن به اقليتي اسيمبلي ۾ پريا ڪمار لاءِ آواز ناھي اٿاريو جڏهن ته  راڌڻ ھندو پئنچائت اڄ ھولي تھوار سادگي سان ملھائڻ جو اعلان ڪيو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.