ڌاڙيلن سنڌ ۾ رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ طرفان "سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ بند ڪريو” جي عنوان سان حيدرآباد ۾ 29 مارچ تي ڪانفرنس ڪرائڻ  جون تياريون هلندڙ آهن. ان سلسلي ۾ نامياري دانشور جامي چانڊيو، شاعر مير حسن آريسر، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي، سماجي اڳواڻ نور بجير، سگا اڳواڻ علي محمد ميمڻ، صحافي سامي ميمڻ، ايڊووڪيٽ منظور کوسو، پروفيسر نويد سنديلو، پرفيسر روشن خاصخيلي، سگا ۽ سماجي اڳواڻ قاسم ناريجو، اديب ۽ علمي ادبي فورم جي آرگنائيزر ادريس لغاري، شاعر اقبال رند ۽ ٻين کي دعوتون ڏنيون ويون، جن ھن ڪانفرنس ۾ شرڪت جو يقين ڏياريو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ بشير ٽالپر ۽ نور نبي پليجو چيو ته ڌاڙيلن سنڌ ۾ رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي. درياءُ جي ڪچي جي زمينن سميت سنڌ جي سامونڊي پٽي ٿر ڪاڇو ڪوھستان سميت  سنڌ جون سون جھڙيون زمينون ۽ قدرتي وسيلا وفاق کي ڏنا پيا وڃن، پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري ۾ مشينري زون جي نالي ۾ ٺٽي ضلعي جي هزار ايڪڙ زمين وفاق حوالي  ڪئي وئي آهي. وفاق سنڌ جي زمينن، ٻيٽن بندرگاھه، قاسم پورٽ ۽ اسٽيل مل کي ڳڙڪائڻ لاءِ وڏو وات ڦاڙيو ويٺو آھي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا وڌائي سنڌ دشمني ڪئي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.