”پريا ڪماري حڪمران جماعت جي شخص وٽ قيد آهي“ ڪراچي ۾ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) گذريل ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان گم ٿيل سنڌ جي نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي، وڪيلن، اديبن دانشورن، صحافين جي اڳواڻن نامور صحافي خدا ڏنو شاهه، شاعر ۽ ليکڪ،دانشور منظور سولنگي، سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مهيش ڪمار، مرڪ منان چانڊيو، سورٺ ٿيٻو، ايڊووڪيٽ اصغر ناريجو، فرحان لاڙڪ، جي افروز ڪٽپر، سورٺ ٿيٻو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، قانوندان لطيف ابراهيم، حليم مڱريي    ڪالهه آچر جي شام جو ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران هڪ احتجاجي مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان اغوا ۽ گم ٿيل سنڌ جي نينگري پريا ڪماري کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ سول سوسائٽي ڪراچي طرفان ٽي تلوار ڪلفٽن وٽ هڪ وڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ بعد ۾ پنجاب سنڌ سرحد تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو.هنن وڌيڪ چيو ته  سنڌ مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو وڃي ڌاڙيلن خلاف پوليس کي غير سياسي ڪري آپريشن جا اختيار ڏنا وڃن پريا ڪماري ڪيس ۾ غفلت ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف  سخت ڪاررائي ڪئي وڃي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بنا دير جو بحال ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري پيپلزپارٽي جي گذريل دور ۾ سال 2021 ۾ محرم مهيني ۾ سبيل ورهائڻ بعد رستي مان اغوا ڪري گم ڪئي وئي هئي ۽ هاڻي جڏهن پي پي پي ٻيهر سنڌ حڪومت جو ڪارونهوار سنڀاليو آهي ته به پريا ڪماري لوفرن جي قيد خاني مان آزاد ٿي گهر نه پهتي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو  ته نينگر جي اغوا ۾حڪمران جماعت جي شخص جو هٿ آهي. احتجاج ۾ مزاحيه فنڪار سهراب سومري، ،ڊاڪٽر حُضوران شيخ، صحافي ذوالفقار راڄپر،درشن سچديو ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي،احتجاج ۾ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاء ڀرپور نعريبازي ڪئي ويئي اغوا ڪندڙن سهولتڪارن ۽ پوليس جي غفلت توڙي سنڌ سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.