پاڪستان جون ڏکيائيون گهٽ ٿيندي نظر نٿيون اچن، عمران خان جي پوزيشن مضبوط آهي:برطانوي رسالو

لنڊن (م ڊ) حڪومت قائم ٿي چڪي آهي، وفاقي ڪابينا به جڙي وئي آهي پر پاڪستان جون ڏکيائيون گهٽ ٿيندي نظر نٿيون اچن، وڌيڪ ٻاهرين قرضن جي سخت ضرورت آهي، برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ملڪ کي هاڻ به تمام گهڻن مسئلن جو منهن  ڏسڻو پئجي رهيو آهي، سرڪاري خزانوخالي پيل آهي،  ملڪ کي آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي قرض جو انتظار آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي لعنت ملڪ کي جڪڙي ڇڏيو آهي،  دهشتگردي جا واقعا گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي ناهن وٺي رهيا، ملڪ کي استحڪام جي سخت ضرورت آهي، حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهي آهي، اسٽيبلشمينٽ جي طرفان تمام گهڻا حربا اختيار ڪرڻ جي باوجود پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پوزيشن هاڻ به مضبوط آهي، هن کي  پرستارن، حامين  ڪارڪنن کان پري رکڻ جي ڪوشش اڄ تائين ناڪامي جي ور چڙهيل آهي، اسٽيبلشمينٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي بندش جو طريقو به آزمائي ورتو پر ڪجهه خاص فرق نه پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.