سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ بک بدحالي آهي: محنتي

ڪراچي  (رپورٽر)  جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته هڪ طرف سنڌ ۾ هڪ طرف سنڌ ۾  بي امني ۽ ڌاڙيل راڄ آهي ته ٻي طرف معاشي بدحالي، غربت ۽ بيروزگاري جي ڪري ڪروڙين ماڻهو بُک، بدحالي ۽ شديد پريشانين جو شڪار آهن، خصوصا مزدور طبقي جو جيئڻ مشڪل ٿي چڪو آهي، اهڙين حالتن ۾ سنڌ حڪومت پاران مثبت ڪردار ادا ڪرڻ بدران ماڻهن کي بنيادي حقن کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي، 16 سالن کان لاڳيتو پ پ جي حڪمراني باوجود تيل، گيس، ڪوئلي ۽ زراعت سان مالا مال صوبي جو عوام معاشي مسئلن ۽ بدامني جي ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي، وفاقي حڪومت پاران نجي ڪمپني “ پاڪمز” کي ٺٽي ۾ مشينري زون ٺاهڻ لاءِ هڪ هزار ايڪڙ زمين جي منظوري ڏيڻ سنڌ جي عوام جي مينڊيٽ جي توهين آهي، سنڌ جي زمينن جي ورهاست ڪرڻ جو حق پيپلزپارٽي سميت ڪنهن کي به ڪونه آهي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي، نوري آباد سميت اڳ ۾ موجود صنعتي زونز ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ بدران غير مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته هتان جا پڙهيل لکيل ڊگري هولڊر نوجوان پٽيوالي جي نوڪري لاءِ به در در ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن، نوان صنعتي زون کولڻ سان سنڌ جي ماڻهن لاءِ روزگار جي فراهمي بدران استحصالي ايجنڊا ۽ عوام جي حق تلفي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي، سنڌ حڪومت پاران نجي توڙي عسڪري ادارن کي هزارين  ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ جي منظوري عوام سان سراسر بي واجبي ۽ هتان جي هارين سان ظلم آهي، ادارن کي زمينون ڏنيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.