تڪراري ٽوئيٽ ڪندڙ جنرل آصف غفور وزيراعظم کي سليوٽ ڪرڻ تي مجبور؟

لاهور (ع آ نيوز): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت ۾ "ڊان ليڪس”جي معاملي تي تڪراري ٽوئيٽ ڪندڙ ليفٽنيننٽ جنرل آصف غفور  سندس ننڍي ڀاءُ وزيراعظم شهباز شريف کي سليوٽ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو، 23 مارچ جي مک تقريب دوران ليفٽنيننٽ جنرل آصف غفور وزيراعظم کي نه چاهيندي به سليوٽ ڪيو، جنهن تي ڪجهه ڌرين اها وڊيو ڪلپ رکي واويلا شروع ڪئي آهي ته نواز شريف حڪومت خلاف ٽوئيٽ ڪندڙ ليفٽنيننٽ جنرل سندس ننڍي ڀاءُ وزيراعظم شهباز شريف کي سلامي ڏني. صحافي عمران شفقت موجب جنرل آصف غفور اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن”ڊان ليڪس”جي معاملي تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي تڪراري ٽوئيٽ ۾ رد ڪندي چيو هو ته اهو انڪوائري بورڊ پاران ڪيل جاچ مطابق ناهي، ان معاملي تي حڪومت ڪو به جرئت وارو موقف اختيار نه ڪيو هو ۽ پنهنجي ووٽ جي طاقت جو استعمال نه ڪندي رڳو فوجي قيادت آڏو احتجاج ڪيو هو. ڪجهه ماڻهن حڪومت کي مشورو ڏنو هو ته حڪومت جي ماتحت ماڻهو ڪيئن ٿو نوٽيفڪيشن کي رد ڪري سگهي، ان تان ميجر جنرل کي فارغ ڪيو وڃي، پر نوازشريف ائين نه ڪندي ڪمپرومائيز ڪيو ۽ فوج آڏو صرف احتجاج ڪيو هو. سندس سخت فيصلي نه ڪرڻ سبب حڪومت کي پريشان ٿيڻو پيو. ان کانسواءِ جڏهن آصف زرداري فوج خلاف سخت موقف اختيار ڪندي "اينٽ سي اينٽ بجا دينگين” وارو بيان ڏنو هو، جنهن تان کيس ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، ان بيان ڏيڻ تي نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي ڊپ کان ۽ کين خوش ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينهن ساڻس رٿيل ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نتيجو اهو نڪتو جو اڳتي هلي هڪ وزيراعظم کي ليفٽنيننٽ جنرل جواب ڏئي رهيو هو. اهي ئي ڳالهيون سندس حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيون. صحافي موجب جيڪڏهن نواز شريف ليفٽنيننٽ جنرل آصف غفور کي فارغ ڪري ها ۽ آصف زرداري سان ملاقات ڪري ها ته شايد سندس حڪومت بچي وڃي ها،آصف غفور اهو فوجي جنرل آهي جنهن 2018ع ۾ عمران خان جي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ٽوئيٽ ڪندي لکيو هو ته الله جنهن کي چاهي عزت ڏئي ۽ جنهن کي چاهي ذلت ڏئي، هو ان وقت آءِ ايس پي آر جو سربراهه هو، راجا اسلم نالي صارف لکيو ته آصف غفور کي قدرت ڪهڙو ڏينهن ڏيکاريو جنهن کي رجيڪٽ ڪيو اڄ انهي کي سليوٽ ڪري رهيو آهي، نعمان نالي صارف لکيو ته وڊيو ۾ موجود آفيسر ميجر جنرل آصف غفور نه بلڪه جنرل شاهد امتياز آهي جيڪو 10 ڪور جو ڪمانڊر آهي ۽ هن جي ڪلهي تي ڪور جو نشان واضح آهي،صحافي محسن بلال به وڊيو ۾ جنرل آصف غفور جي موجودگي جي ترديد ڪئي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 25 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.