اسان بي اختيار آهيون: گڏيل قومن غزا جنگ روڪرائڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي

قاهرا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته اسان وٽ اختيار ناهي، جن وٽ اختيار آهي، انهن کي اپيل آ ته غزا جي جنگ روڪين.
مصر ۾ رفح ڪراسنگ جي دوري جي موقعي تي گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته غزا جي فلسطينين جي تڪليف دنيا سامهون آڻڻ لاءِ رفح آيو آهيان، غزا ۾ هن وقت اڳ کان وڌيڪ انساني امداد جي ضرورت آهي، امدادي سامان جي ٽرڪن کي غزا جي سرحد تي روڪڻ اخلاقي ڪمزوري آهي، اسرائيل کي رنڊڪون نه وجهڻ گهرجن.
هن چيو ته غزا ۾ امداد پهچائڻ لاءِ مصر سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، رفح ۾ زميني آپريشن انساني تباهي جو سبب بڻجندو، هاڻ وقت آهي ته انساني بنياد تي جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي ٿئي، وقت اچي ويو آهي ته فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي ايتري اذيت ۾ نٿو ڏسي سگهجي، اسان وٽ اختيار ناهي، جن وٽ اختيار آهي، انهن کي اپيل آهي ته غزا جي جنگ روڪي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.