71 سالن کانپوءِ چڻنگون ڇڏيندڙ شيطاني ستارو آسمان تي ظاهر ٿيڻ وارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شيطاني ستارو اڃا پنهنجي پوري چمڪ تي ناهي پهتو پر ايندڙ مهيني تائين اهو پنهنجي مڪمل چمڪ ظاهر ڪندو ۽ آسمان روشن ٿي ويندو.

هن وقت اهو واقعو اولهه جي حصي ۾ ملهايو پيو وڃي ۽ اهو هلندڙ مهيني به جاري رهندو.

شيطاني ستارو يعنيٰ پڇ وارو 12 پي، پونس بروڪس ستارو رات جي وقت آسمان تي چڻنگون ڇڏيندو آهي ۽ 8 اپريل تي سڱن جي غير معمولي شڪل اختيار ڪري ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.