ڪي پي حڪومت جو غزا لاءِ 10 ڪروڙ امداد جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت غزا جي مظلوم شهرين لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
خيبر پختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور فلسطينين لاءِ 10 ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي.
هن چيو ته امدادي رقم مان مظلوم عوام کي ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون، ڪي پي حڪومت مظلوم فلسطينين سان گڏ بيٺي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.