اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوم پاڪستان جي موقعي تي تهران جي آزادي اسڪوائر کي پاڪستان ۽ ايران جي پرچمن سان روشن ڪيو ويو.
ايڪس تي ايران جي سفارتخاني طرفان وڊيو شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ تهران جي آزادي اسڪوائر کي پاڪستان ۽ ايران جي پرچمن سان روشن ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.
گڏوگڏ ايران يوم پاڪستان جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪئي.
هوڏانهن ايران طرفان پاڪستان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي يڪجهي جي مظاهري کي ساراهيندي ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو چيو ته ايراني قدم ٻنهي ملڪن جي گهري دوستي ۽ دوستاڻن رابطن جي علامت آهن، يوم پاڪستان جي موقعي تي سهڪار ۽ گرم جوشي جي مظاهري تي ايران جا ٿورائتا آهيون.
You might also like