گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ سيڪريٽري جنرل جي ماسڪو واقعي جي مذمت

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل ماسڪو جي ڪراڪس سٽي هال ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن ڪراڪس حملي پويان سڀني سازش عنصرن، دهشتگردي جي منصوبابندي ڪندڙن ۽ مدد ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪندي زور ڏنو آهي ته ان ڏوهه بابت جاچ ۾ روس سان سهڪار ڪيو ويندو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس طرفان واقعي جي مذمت تي روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سندس ٿورا مڃيا آهن.
ان کان اڳ روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو هو ته ماسڪو ۾ دهشتگردي ۾ ڀلي ڪير به ملوث هجي، سڀني کي ان جي غير مشروط مذمت ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.