پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواه اسيمبلي جو اجلاس نه گهرائڻ تي اسپيڪر بابر سليم سواتي ۽ گورنر غلام علي وچ ۾ آئيني جنگ تيز ٿي وئي آهي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ گورنر طرفان اجلاس سڏائڻ جي قانوني حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ اسپيڪر جي معرفت قانون واري کاتي کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڇا خيبرپختونخواه جو گورنر پنهنجي صوابديد تي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو ۽ ڇا گورنر وڏي وزير يا ڪابينا کي اجلاس سڏائڻ جي صلاح ڏئي سگهي ٿو. خط ۾ اسپيڪر چيو ته مخصوص سيٽن بابت ڪيس پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، تنهن ڪري گورنر طرفان اجلاس سڏائڻ جي قانوني حيثيت واضح ڪئي وڃي. ياد رهي ته ڪي پي جي گورنر غلام علي جمعي تي(اڄ) اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو هو. سرڪاري دستاويز موجب گورنر مخصوص ۽ اقليتي سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري لاءِ اجلاس طلب ڪيو آهي. جڏهن ته صوبائي حڪومت ان قدم کي آئين ۽ قانون جي خلاف قرار ڏنو. وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گورنر صوبائي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جي اسپيڪر کي درخواست ڪري سگهي ٿو. چونڊن ۾ پنهنجي جماعت جمعيت علماءِ اسلام ف جي شڪست کانپوءِ کيس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
-
گنڊاپور ڪرپشن ڪري ته کيس ڪير پٿر هڻي: فيصل ڪريم ڪنڊي
ديرا اسماعيل خان(م ڊ) پ پ ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي پي جي وڏي وزير پاران رشوت وٺندڙ آفيسرن جا مٿا ڦاڙڻ واري بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير چوي ٿو ته ڪرپشن ڪندڙن جا مٿا ڦاڙيو، جيڪڏهن وڏو وزير علي امين ڪرپشن ڪندو ته ان کي پٿر ڪير هڻندو؟ هن چيو ته علي امين گنڊاپور کي پڪ ناهي ته هو وڏو وزير بڻجي ويو آهي، جيڪڏهن مرڪز سان لاڳاپا خراب ٿيا ته اسان جو صوبو پوئتي رهجي ويندو. پ پ ترجمان چيو ته 2 اپريل تي سينيٽ چونڊن کانپوءِ حڪومت جو مدو پورو ٿي ويندو، ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، اميد آهي ته بحران حل ٿي ويندو.