پاڻي جي عالمي ڏينهن تي پاڻيءَ جي ايف آءِ آر

اڄ پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هر سال 22 مارچ تي ان اهم مسئلي جي اهميت ۽ ضرورت تي ويچاريو ويندو آهي. پر پوءِ به ڏسجي ته عام ماڻهن کان وٺي ڪري حُڪومت تائين پاڻي ڏانهن ذميواراڻو رويو اختيار نه ٿو ڪيو وڃي. باوجود ان جي ته اسان سڀ ئي ڄاڻون ٿا ته پاڻي ۾ پساهه آهي. پر پوءِ به پاڻي جي قدر ۽ قيمت جو اندازو نه ٿو ڪيو وڃي.

جيتوڻيڪ اسان کي اها به پروڙ آهي ته ڌرتي جو ٽيون حصو سامونڊي پاڻي تي ٻڌل آهي يعني 97 سيڪڙو ڌرتي تي کارو پاڻي آهي باقي ذريعن مان رڳو 3 سيڪڙو اهو صاف پاڻي ملي ٿو جيڪو پيئڻ جي لائق هجي ٿو، اسان جي مجموعي غير ذميواري سبب اهو 3 سيڪڙو پاڻي جيڪو چشمن، درياهن، ندين ڍنڍن مان ملي ٿو سو به گدلو بڻايو ويو آهي. هاڻي اڪثريتي طور تي گدلو پاڻي واپرائجي ٿو. اسان جو جَر جو يعني زير زمين پاڻي پڻ گدلو ٿي ويو آهي. هاڻي گٽرن جي گندي پاڻي ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي ۾ ڪو فرق ناهي رهيو. گٽرن جي پاڻي جا پائيپ اندروني طور ٽٽن ٿا ته ان جو اهو گدلو پاڻي صاف پاڻي ۾ ملي وڃي ٿو. جر جو پاڻي، ٻهراڙين ۾ نلڪن جي پاڻي جي ليبارٽرين مان ٽيسٽ ڪرائجي ٿي ته گدلو پاڻي ثابت ٿئي ٿو جيڪو عام طور پيتو وڃي ٿو ان ڪري اوهان محسوس ڪيوهوندو ته بيماريون وڌي ويون آهن. پيٽ جون بيماريون ۽ هيپٽاٽائيٽس جون بيماريون عام ٿي ويون آهن اهو سڀ گندي ۽ گٽرن جو پاڻي پيئڻ جو نتيجو آهي.

اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي ته حڪومت روز ٽيڪس ته وڌائي رهي آهي پر انهن ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن عيوض عوام کي گٽرن جو گندو پاڻي پياريو وڃي ٿو. ان حوالي سان انور پيرزادو پنهنجي مشهور ڪالم متان وساريو ۾ لکيو هو ته ”هڪ طرف سنڌ کي پنهنجي حصي جي مٺي درياهي پاڻي کان محروم ڪيو ويو ته ٻئي طرف سڄي پاڪستان جي سم ۽ زهريلو پاڻي سنڌ مان وهائي سمونڊ ۾ اڇلائڻ لاءِ سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري تي ايل بي او ڊي ۽ ساڄي ڪناري تي آر بي او ڊي تعمير ڪيا ويا جنهن سان سنڌ جي زمين کاري، زهريلي ۽ بنجر ٿيڻ لڳي.“ حڪومت جي اهڙين ترقياتي رٿائن فائدي بدران تباهي ئي عطا ڪئي آهي. جن چشمن ۽ واهن مان پاڻي اچي ٿو ۽ ندين نالن ۾ پئي ٿو تن کي صاف رکڻ جو اسان جي حڪومت ڪو غير معمولي انتظام ناهي ڪيو. گندي پاڻي ۽ صاف پاڻي جي نالن کي هڪٻئي کان ڌار ڪرڻ جو پڪو انتظام ناهيون ڪري سگهيا ۽ نه ئي پيئڻ جي صاف پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪا جاڳرتا پيدا ڪري سگهيا آهيون.

سو پاڻي جو اڄوڪو عالمي ڏينهن ان پاسي ڌيان ڇڪائي ٿو ته حڪومتون ۽ عوام کي اهو احساس ڏيارجي ته پاڻي جي فطري نعمت مان فائدو حاصل ڪريو بجاءِ ان جي ته ان نعمت کي پنهنجن غلط عملن، غلط پاليسين ۽ غلط روين سان ان کي بي دردي سان ضايع ڪريون جيڪو ڪري رهيا آهيون. اڄ نه سنڌو درياهه، نه منڇر ڍنڍ، نه ڪينجهر ڍنڍ، نه حمل ڍنڍ صاف رهي آهي ان درياهه ۽ ڍنڍن کي اسان پاڻ گدلو، ڌپارو ڪري رهيا آهيون. اسان مان مراد حڪومت ۽ عوام آهي.

سو پاڻي جي عزت ڪريو، ان سان احترام طور پيش اچو. ان کي نه گدلو ڪريو نه ئي ضايع ڪريو. اوهان جي اها غير ذميواري اوهان کي ئي هاڃو رسائيندي. اوهان کي ئي بيمار ڪندي. ان ڪري پاڻي کي بچائڻ ۽ صاف شفاف رکڻ سڀني جي ذميواري آهي ۽ جڏهن ذميواري جي ڳالهه ڪجي ٿي ته پهرين ذميواري ظاهر آهي ته حڪومت جي آهي ته اها پاڻي جي وسيلن تي نظر رکي، انهن کي مضبوط ڪري انهن مان فائدو وٺي ۽ عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مُهيا ڪرڻ ان جي اولين ذميواري آهي جيڪا افسوس ته ادا نه پئي ڪئي وڃي. اها صورت حال نه رڳو ڳڻتي جوڳي آهي پر مجرماڻي غفلت پڻ آهي تنهن ڪري ان جو هر سطح تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. پيئڻ جي پاڻي کي زهر ڪري پيارڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. عوام جڏهن حڪومت کي سڌي ۽ اڻ سڌي نموني ٽيڪس ڏئي ٿو ته پوءِ اهو ان جو حق آهي ته کيس صاف پاڻي سميت بنيادي حق ڏنا وڃن.

هي اهي ٽيڪس آهن جنهن مان اسان جا حڪمران پگهارون کڻندا آهن يعني عوام ٽيڪسن ذريعي کين پگهارون ڏئي  ٿو پر افسوس ته حڪمران ان عيوض کيس گٽرن جو پاڻي ٿا پيارين.

عالمي طور تي به ڏسجي ته مجموعي گدلاڻ ۽ ٻارڻ جي ڪري اوزون تهه ۾ سوراخ پيدا ٿيو آهي جيڪو وڌندو ئي رهي ٿو يعني عالمي حڪومتون اوزون تهه کي پهچندڙ نقصان جي روڪٿام ۾ پڻ ناڪام نظر اچي رهيون آهن. ان هاڃي جي نتيجي ۾ ائين ٿي رهيو آهي ته سج جي تپش وڌندي وڃي ٿي ۽ ان گرمي جي تپش سبب گليشيئرز تيزي سان ڳري پاڻي کي وهائي رهيا آهن. جيڪڏهن ان جي رفتار اها برقرار رهي ته مستقبل ۾ ٿڌيون موسمون به نه رهنديون، برف باريون به نه ٿينديون، نه جبلن تي برف ڄمندي نه ئي اها پاڻي جي شڪل اختيار ڪري درياهن، ندين ۽ چشمن جي شڪل ۾ وهندي، ائين مستقبل ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جون اڳڪٿيون ڪيل آهن.

اسان جي حڪومت جو ان خوفناڪ مستقبل ڏانهن نه ڪو ڌيان آهي ۽ نه ئي ان کي روڪڻ جي ڪا سنجيده پاليسي آهي. مطلب ته غير ذميواري هر سطح تي آهي حڪومت کان وٺي عام ماڻهن تائين پاڻي جي نه ڪا عزت آهي نه ئي ڳڻتي. نه ئي ان جي وسيلن کي محفوظ ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي آهي. اڄوڪي پاڻي جي ڏينهن تي پاڻي جي سمجهو ته هيءَ ايف آءِ آر جيڪا عالمي توڙي ملڪي حڪومت ۽ عوام جي خلاف ڪاٽي وڃي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.