ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارم لنڪڊان جو استعمال گهڻي قدر ملازمت جي ڳولا لاءِ ڪندا آهن ۽ ڪمپني طرفان وقت به وقت نت نوان فيچرز پڻ متعارف ڪرايا ويندا آهن.
پر مائيڪرو سافٽ جي ملڪيت ڪمپني ان پليٽ فارم ۾ اهڙو اضافو ڪيو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن لاءِ بلڪل نئون هوندو.
هڪ رپورٽ موجب، لنڪنڊ ان ۾ گيمز جو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
واضح رهي ته لنڪنڊان جي واهپيدارن جو انگ هڪ ارب کان وڌيڪ آهي، هي پليٽ فارم ملازمت جي ڳولا ۽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
پر ڪمپني کي اميد آهي ته گيمز جي واڌاري سان سائيٽ تي واهپيدارن جي انگيجمينٽ وڌي ويندي.
فلحال واضح ناهي ته ڪهڙي قسم جي گمين کي پليٽ فارم جو حصو بڻايو ويندو.
You might also like