”پي ٽي آءِ باني عيد کان کان اڳ جيل مان نڪري ايندو“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني 25 رمضان کان اڳ جيل کان ٻاهر اچي ويندو.
سائفر ۽ توشا خانا ڪيس ۾ سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سلمان صفدر چيو ته ايف آءِ اي جنهن شڪايت تي ڪارروائي ڪئي، ان ۾ ڪرمنلٽي ناهي، جنهن شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي، ان ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جو نالو ئي ناهي.
هن چيو ته جنهن ڏينهن جي شڪايت آهي، ان کان 7 ڏينهن اڳ ايف آءِ اي انڪوائري شروع ڪري چڪي هئي، اها انڪوائري ڪنهن جي چوڻ تي شروع ڪئي وئي؟
سندس چوڻ هو ته جيئن جيئن ڪيس اڳتي وڌي رهيو آهي، ان ۾ خاميون نظر اچي رهيون آهن، اڄوڪي ٻڌڻي ۾ ججن چيو ڪيس ته هڪ مذاق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.