وزيراعظم شهيد ڪيپٽن جي گهر پهتو، بهادريءَ ۽ جرئت تي کيس ڀيٽا

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ 3 ڏينهن اڳ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج  جي ڪئپٽن احمد بدر جي گهر تله گنگ پهچي ويو. هن شهيد ڪئپٽن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن شهادت جو جام پي قوم ۽ ملڪ جو ڳاٽ اوچو ڪيو، هنن بهادريءَ سان دهشتگردن سان وڙهندي کين جنم موڪليو، هنن جون قربانيون ضايع نه وينديون. اهي هميشه ياد رکنداسين. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ جانيون قربان ڪندڙن کي اسان سلام پيش ڪيون ٿا. پوري ملڪ مان دهشتگرديءَ جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون. شهيد جي وارثن جي جرئت ۽ حوصلو ڏسي متاثر ٿيو آهيان، ڏکئي وقت ۾ بهادريءَ جو مظاهرو ڪرڻ تي جس لهڻ. ان موقعي تي ڪئپٽن جي والد اڪيلي پٽ جي شهادت تي الله تعالي’ جو شڪر ادا ڪيو ۽ مسڪرائيندي چيو ته فخر آهي ته پٽ شهادت ماڻي پاڻ پاڻ نه عزت ڪمائي ۽ اسان کي به عزت بخشي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.