ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اداڪارا عائشا عمر پنهنجي آپريشن کانپوءِ پهريون وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي.
انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو ۾ عائشا عمر پنهنجي آپريشن بابت تفصيل ٻڌايا، هن چيو ته 48 ڪلاڪ گذري وڃڻ کانپوءِ به هلڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي رهي آهي.
وڊيو دوران اداڪارا ٻڌايو ته کيس ڳالهائڻ ۾ تڪليف پيش اچي رهي آهي جنهن تي هوءَ مداحن کان معذرت ڪئي.
View this post on Instagram
اداڪارا ٻڌايو ته ڪالر بون ۾ ڏاڍي تڪليف آهي پر ڄنگهه جو سور برادشت نٿو ٿئي.
وڊيو ڪيپشن ۾ عائشا عمر لکيو ته هن تڪليف واري حالت ۾ فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن بابت سوچي کيس همت ملندي آهي.