ڊيرن سيمي بابر اعظم کي بهترين ليڊر قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي جي هيڊ ڪوچ ڊيرن سيمي چيو آهي مون کي پورو يقين آ ته بابر اعظم بهترين ليڊر آهي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ هٿان شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊيرن سيمي چيو ته اسان 15 کان 20 رنسون گهٽ ٺاهيون، جيئن شروعات ٿي هئي ته 200 جو هدف ذهن ۾ هو پر پوءِ اسان اسلام آباد کي واپسي جو موقعو ڏنو.
هن چيو ته پشاور زلمي روايتي ڪرڪيٽ نه کيڏي، عماد وسيم ۽ حيدر علي زبردست اننگز کيڏي، اسان بالنگ ۾ غلطيون ڪيون، تسلسل ۾ گهٽتائي رهي.
سندس چوڻ هو ٽرافي نه کٽيون ته هر سال پلي آف کيڏڻ جي ڪا اهميت ناهي، 9 پلي آف ۾ هڪ ٽرافي کٽڻ ڪافي ناهي، اسان کي وڌيڪ فائنل کٽڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.