ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناديا خان ڊرامن ۾ به رهي آهي ۽ مارننگ شوز جي هوسٽ به رهي آهي، سندس شو دبئي مان آن ايئر ٿيندو هو ۽ مشهور ٿيو هو.
هڪ شو ۾ جڏهن مارننگ شوز جي مهمانن تي ڳالهايو پئي ويو ته هن چيو ته ناظرين واقعي منافق هوندا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن هو توهان جي سامهون هوندا ته سٺو ورتاءُ ڪندا پر سوشل ميڊيا تي پرپٺ گلا ڪندا آهن ۽ غلط تبصرا ڪندا آهن.
ان موقعي تي هن ڀولي جي هٿ ۾ ماچيس جو مثال به ڏنو.