جڳ مشهور آمريڪي سائنسدان اسلام قبولي ورتو

جڳ مشهور آمريڪي سائنسدان پروفيسر هنري اسلام قبولي ورتو.
آمريڪي سائسندان پروفيسر هنري جو نالو ڊاڪٽر احمد حسن بطل، عبدالحق رکيو آهي، ڇو ته حق ۽ علم ان لاءِ رب تائين پهچڻ جو ذريعو بڻيا.
رپورٽ موجب هن رمضان المبارڪ جو پهريون روزو به رکي ڇڏيو، تراويح نماز به ادا ڪئي ۽ جلد عمري جي ادائيگي لاءِ روانو ٿيندو.
ڊاڪٽر هنري اسٽيم سيل ميڊيسن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو نالو آهي ۽ هن ناليوارن سائنسدانن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، پروفيسر ڊاڪٽر هنري مشهور آمريڪي يونيورسٽي هارورڊ ۾ پروفيسر آهي.
هو موروثي نابين پڻي جي علاج لاءِ اسٽيم سيل دوا ايجاد ڪندڙ آهي، جنهن کي تازو آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن مان ٽئين ۽ آخري مرحلي ۾ جاچ لاءِ منظور ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.